Deprecated: Creation of dynamic property QuranForAll::$default_reader_aya is deprecated in /home4/quranfo1/public_html/includes/class.php on line 170
سورة الحج | Sindhi
About Script
سورة الحج

Sindhi

سورة الحج - عدد الآيات 78

يَٰٓأَيُّهَا ٱلنَّاسُ ٱتَّقُواْ رَبَّكُمْ ۚ إِنَّ زَلْزَلَةَ ٱلسَّاعَةِ شَىْءٌ عَظِيمٌۭ ﴿١﴾

اي ماڻھؤ پنھنجي پالڻھار کان ڊڄو، ڇوته قيامت وارو ڌڪاءُ وڏي شيء آھي.

يَوْمَ تَرَوْنَهَا تَذْهَلُ كُلُّ مُرْضِعَةٍ عَمَّآ أَرْضَعَتْ وَتَضَعُ كُلُّ ذَاتِ حَمْلٍ حَمْلَهَا وَتَرَى ٱلنَّاسَ سُكَٰرَىٰ وَمَا هُم بِسُكَٰرَىٰ وَلَٰكِنَّ عَذَابَ ٱللَّهِ شَدِيدٌۭ ﴿٢﴾

جنھن ڏينھن اُن کي ڏسندؤ (تنھن ڏينھن) سڀڪا کير پياريندڙ جنھن کي کير پياريندي ھوندي تنھن کي (دھشت کان) وساريندي ۽ سڀڪا ڳڀ واري پنھنجي ڳڀ کي ڪيريندي ۽ ماڻھن کي بيھوش ڏسندين حالانڪ اُھي بيھوش نه ھوندا پر الله جو عذاب سخت آھي.

وَمِنَ ٱلنَّاسِ مَن يُجَٰدِلُ فِى ٱللَّهِ بِغَيْرِ عِلْمٍۢ وَيَتَّبِعُ كُلَّ شَيْطَٰنٍۢ مَّرِيدٍۢ ﴿٣﴾

۽ ماڻھن مان ڪو اھڙو آھي جو الله جي شان ۾ بي سمجھيءَ سان تڪرار ڪندو آھي ۽ سڀڪنھن شيطان تڙيل جي پٺيان لڳندو آھي.

كُتِبَ عَلَيْهِ أَنَّهُۥ مَن تَوَلَّاهُ فَأَنَّهُۥ يُضِلُّهُۥ وَيَهْدِيهِ إِلَىٰ عَذَابِ ٱلسَّعِيرِ ﴿٤﴾

اُن (شيطان) تي لازم ڪيو ويو آھي ته جيڪو کيس دوست رکندو تنھن کي بيشڪ اُھو گمراھ ڪندو ۽ ان کي دوزخ جي عذاب ڏانھن سڌو رستو ڏيکاريندو.

يَٰٓأَيُّهَا ٱلنَّاسُ إِن كُنتُمْ فِى رَيْبٍۢ مِّنَ ٱلْبَعْثِ فَإِنَّا خَلَقْنَٰكُم مِّن تُرَابٍۢ ثُمَّ مِن نُّطْفَةٍۢ ثُمَّ مِنْ عَلَقَةٍۢ ثُمَّ مِن مُّضْغَةٍۢ مُّخَلَّقَةٍۢ وَغَيْرِ مُخَلَّقَةٍۢ لِّنُبَيِّنَ لَكُمْ ۚ وَنُقِرُّ فِى ٱلْأَرْحَامِ مَا نَشَآءُ إِلَىٰٓ أَجَلٍۢ مُّسَمًّۭى ثُمَّ نُخْرِجُكُمْ طِفْلًۭا ثُمَّ لِتَبْلُغُوٓاْ أَشُدَّكُمْ ۖ وَمِنكُم مَّن يُتَوَفَّىٰ وَمِنكُم مَّن يُرَدُّ إِلَىٰٓ أَرْذَلِ ٱلْعُمُرِ لِكَيْلَا يَعْلَمَ مِنۢ بَعْدِ عِلْمٍۢ شَيْـًۭٔا ۚ وَتَرَى ٱلْأَرْضَ هَامِدَةًۭ فَإِذَآ أَنزَلْنَا عَلَيْهَا ٱلْمَآءَ ٱهْتَزَّتْ وَرَبَتْ وَأَنۢبَتَتْ مِن كُلِّ زَوْجٍۭ بَهِيجٍۢ ﴿٥﴾

اي ماڻھؤ جيڪڏھن وري جيئري ٿئڻ کان اوھين شڪ ۾ پيل آھيو ته اسان اوھان کي مٽيءَ مان بڻايو وري نُطفي مان وري رت جي دڳ مان وري گوشت جي ٻوٽيءَ مان پورو بڻايل ۽ اڌ گابرو بڻايل ھن لاءِ ته اوھان کي کولي ٻڌايون، ۽ جنھن کي گھرندا آھيون تنھن کي مُقرر مُدّت تائين ڳڀيرڻين ۾ ٺھرائيندا آھيون وري ٻار بڻائي اوھان کي ٻاھر ڪڍندا آھيون وري نپائيندا آھيون ته اوھين پنھنجي جواني کي پھچو، ۽ اوھان مان ڪو اڳي مرندو آھي ۽ اوھان مان ڪنھن کي (جھورائي جي) نڪميءَ ڄمار ڏانھن ھن لاءِ ورايو ويندو آھي ته ڄاڻپ کانپوءِ ڪجھ نه ڄاڻي، ۽ زمين کي غير آباد ڏسندو آھين پوءِ جڏھن مٿس پاڻي وسائيندا آھيون تڏھن تازي ٿيندي ۽ اُڀامندي آھي ۽ سڀڪنھن جنس مان چڱا اوڀڙ ڄمائيندي آھي.

ذَٰلِكَ بِأَنَّ ٱللَّهَ هُوَ ٱلْحَقُّ وَأَنَّهُۥ يُحْىِ ٱلْمَوْتَىٰ وَأَنَّهُۥ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍۢ قَدِيرٌۭ ﴿٦﴾

اِھو (بيان) ھن لاءِ آھي جو الله (جو ئي ھجڻ) حق آھي جو اُھو مُئن کي جياريندو آھي ۽ اُھو سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.

وَأَنَّ ٱلسَّاعَةَ ءَاتِيَةٌۭ لَّا رَيْبَ فِيهَا وَأَنَّ ٱللَّهَ يَبْعَثُ مَن فِى ٱلْقُبُورِ ﴿٧﴾

۽ ته قيامت اچڻي آھي منجھس ڪو شڪ نه آھي ۽ ته جيڪي قبرن ۾ ھوندا تن کي الله اُٿاريندو.

وَمِنَ ٱلنَّاسِ مَن يُجَٰدِلُ فِى ٱللَّهِ بِغَيْرِ عِلْمٍۢ وَلَا هُدًۭى وَلَا كِتَٰبٍۢ مُّنِيرٍۢ ﴿٨﴾

۽ ماڻھن مان ڪو اھڙو آھي جو الله جي شان ۽ ڄاڻپ ۽ ھدايت ۽ پڌري ڪتاب ڌاران تڪرار ڪندو آھي.

ثَانِىَ عِطْفِهِۦ لِيُضِلَّ عَن سَبِيلِ ٱللَّهِ ۖ لَهُۥ فِى ٱلدُّنْيَا خِزْىٌۭ ۖ وَنُذِيقُهُۥ يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ عَذَابَ ٱلْحَرِيقِ ﴿٩﴾

(وڏائيءَ کان) ڪنڌ موڙيندڙ ٿي ھن لاءِ ته (ماڻھن کي) الله جي واٽ کان گمراھ ڪري، ان لاءِ دنيا ۾ خواري آھي ۽ قيامت جي ڏينھن کيس سڙڻ جو عذاب چکائينداسون.

ذَٰلِكَ بِمَا قَدَّمَتْ يَدَاكَ وَأَنَّ ٱللَّهَ لَيْسَ بِظَلَّٰمٍۢ لِّلْعَبِيدِ ﴿١٠﴾

(چئبس ته) اھا سزا انھن ڪمن جي ڪري آھي جو تنھنجي ھٿن اڳي موڪليا آھن ۽ (انھيءَ ڪري) ته الله ٻانھن تي ظلم ڪندڙ نه آھي.

وَمِنَ ٱلنَّاسِ مَن يَعْبُدُ ٱللَّهَ عَلَىٰ حَرْفٍۢ ۖ فَإِنْ أَصَابَهُۥ خَيْرٌ ٱطْمَأَنَّ بِهِۦ ۖ وَإِنْ أَصَابَتْهُ فِتْنَةٌ ٱنقَلَبَ عَلَىٰ وَجْهِهِۦ خَسِرَ ٱلدُّنْيَا وَٱلْءَاخِرَةَ ۚ ذَٰلِكَ هُوَ ٱلْخُسْرَانُ ٱلْمُبِينُ ﴿١١﴾

۽ ماڻھن مان ڪو اھڙو آھي جو الله جي عبادت آسيري پاسيري ڪندو آھي، پوءِ جيڪڏھن کيس ڪو نفعو پھچندو آھي ته اُن (عبادت) سان آرامي ٿيندو آھي، ۽ جيڪڏھن کيس ڪو ڏک پھچندو آھي ته پنھنجي مُنھن ڀر ڦرندو آھي، دُنيا ۽ آخرت گنوايائين، اھوئي پڌرو ڇيئو آھي.

يَدْعُواْ مِن دُونِ ٱللَّهِ مَا لَا يَضُرُّهُۥ وَمَا لَا يَنفَعُهُۥ ۚ ذَٰلِكَ هُوَ ٱلضَّلَٰلُ ٱلْبَعِيدُ ﴿١٢﴾

(اُھو) الله کانسواءِ اُنھي کي سڏيندو آھي جيڪو کيس نڪي نقصان لائيندو آھي ۽ نڪي کيس نفعو ڏيندو آھي، اِھا ئي وڏي گمراھي آھي.

يَدْعُواْ لَمَن ضَرُّهُۥٓ أَقْرَبُ مِن نَّفْعِهِۦ ۚ لَبِئْسَ ٱلْمَوْلَىٰ وَلَبِئْسَ ٱلْعَشِيرُ ﴿١٣﴾

انھيءَ کي سڏيندو آھي جنھن جو نقصان سندس نفعي کان وڌيڪ ويجھو آھي، بيشڪ (اھڙو) سائين بڇڙو آھي ۽ (اھڙو) ھمراھ (به) بڇڙو آھي.

إِنَّ ٱللَّهَ يُدْخِلُ ٱلَّذِينَ ءَامَنُواْ وَعَمِلُواْ ٱلصَّٰلِحَٰتِ جَنَّٰتٍۢ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَٰرُ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ يَفْعَلُ مَا يُرِيدُ ﴿١٤﴾

بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا تن کي الله اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، بيشڪ الله جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي.

مَن كَانَ يَظُنُّ أَن لَّن يَنصُرَهُ ٱللَّهُ فِى ٱلدُّنْيَا وَٱلْءَاخِرَةِ فَلْيَمْدُدْ بِسَبَبٍ إِلَى ٱلسَّمَآءِ ثُمَّ لْيَقْطَعْ فَلْيَنظُرْ هَلْ يُذْهِبَنَّ كَيْدُهُۥ مَا يَغِيظُ ﴿١٥﴾

جيڪو ڀائيندو آھي ته الله پيغمبر کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪڏھن مدد نه ڪندو تنھن کي گھرجي ته آسمان ڏانھن رسيءَ سان چڙھي وري گھرجيس ته ڇني پوءِ نھاري ته اُنھي جي حيلي اُن کي وڃايو (يا نه) جنھن اُن کي ڪاوڙايو.

وَكَذَٰلِكَ أَنزَلْنَٰهُ ءَايَٰتٍۭ بَيِّنَٰتٍۢ وَأَنَّ ٱللَّهَ يَهْدِى مَن يُرِيدُ ﴿١٦﴾

۽ اھڙي طرح اُن (قرآن) کي پڌريون آيتون ڪري نازل ڪيوسون ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي ھدايت ڪندو آھي.

إِنَّ ٱلَّذِينَ ءَامَنُواْ وَٱلَّذِينَ هَادُواْ وَٱلصَّٰبِـِٔينَ وَٱلنَّصَٰرَىٰ وَٱلْمَجُوسَ وَٱلَّذِينَ أَشْرَكُوٓاْ إِنَّ ٱللَّهَ يَفْصِلُ بَيْنَهُمْ يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍۢ شَهِيدٌ ﴿١٧﴾

بيشڪ جن ايمان آندو ۽ جيڪي يھودي ۽ صابي ۽ نصارىٰ ۽ مجوسي ۽ مشرڪ آھن تن (سڀني) جي وچ ۾ الله قيامت جي ڏينھن نبيرو ڪندو، ڇوته الله سڀڪنھن شيء تي حاضر آھي.

أَلَمْ تَرَ أَنَّ ٱللَّهَ يَسْجُدُ لَهُۥ مَن فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَمَن فِى ٱلْأَرْضِ وَٱلشَّمْسُ وَٱلْقَمَرُ وَٱلنُّجُومُ وَٱلْجِبَالُ وَٱلشَّجَرُ وَٱلدَّوَآبُّ وَكَثِيرٌۭ مِّنَ ٱلنَّاسِ ۖ وَكَثِيرٌ حَقَّ عَلَيْهِ ٱلْعَذَابُ ۗ وَمَن يُهِنِ ٱللَّهُ فَمَا لَهُۥ مِن مُّكْرِمٍ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ يَفْعَلُ مَا يَشَآءُ ۩ ﴿١٨﴾

(اي پيغمبر) نه ڏٺئي ڇا ته جيڪي آسمانن ۾ آھن ۽ جيڪي زمين ۾ آھن سي ۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارا ۽ جبل ۽ وڻ ۽ ڍور ۽ ماڻھن مان گھڻا الله کي سجدو ڪندا آھن، ۽ گھڻا (ماڻھو) آھن جن تي عذاب لازم ٿيو آھي، ۽ جنھن کي الله خوار ڪري تنھن کي ڪو مانُ ڏيڻ وارو ڪونھي، ڇو ته الله جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي.

۞ هَٰذَانِ خَصْمَانِ ٱخْتَصَمُواْ فِى رَبِّهِمْ ۖ فَٱلَّذِينَ كَفَرُواْ قُطِّعَتْ لَهُمْ ثِيَابٌۭ مِّن نَّارٍۢ يُصَبُّ مِن فَوْقِ رُءُوسِهِمُ ٱلْحَمِيمُ ﴿١٩﴾

اِھي ٻئي ٽوليون پاڻ ۾ ويري آھن پنھنجي پالڻھار بابت تڪرار ڪندڙ آھن، پوءِ جن ڪفر ڪيو تن لاءِ باھ جا ڪپڙا ورڇيا ويندا، (۽) سندن مٿن جي مٿان ٽھڪندڙ پاڻي ھاربو.

يُصْهَرُ بِهِۦ مَا فِى بُطُونِهِمْ وَٱلْجُلُودُ ﴿٢٠﴾

جيڪي سندن پيٽن ۾ ھوندو سو ۽ کَلون اُن سان ڳاربيون.

وَلَهُم مَّقَٰمِعُ مِنْ حَدِيدٍۢ ﴿٢١﴾

۽ اُنھن جي ڪُٽڻ لاءِ لوھ جا وڏاڻ ھوندا.

كُلَّمَآ أَرَادُوٓاْ أَن يَخْرُجُواْ مِنْهَا مِنْ غَمٍّ أُعِيدُواْ فِيهَا وَذُوقُواْ عَذَابَ ٱلْحَرِيقِ ﴿٢٢﴾

جڏھن ڪڏھن منجھانئس ڏک جي ڪري نڪرڻ گھُرندا تڏھن منجھس ورائبا، ۽ (چيو ويندن ته) سڙڻ جو عذاب چکو.

إِنَّ ٱللَّهَ يُدْخِلُ ٱلَّذِينَ ءَامَنُواْ وَعَمِلُواْ ٱلصَّٰلِحَٰتِ جَنَّٰتٍۢ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَٰرُ يُحَلَّوْنَ فِيهَا مِنْ أَسَاوِرَ مِن ذَهَبٍۢ وَلُؤْلُؤًۭا ۖ وَلِبَاسُهُمْ فِيهَا حَرِيرٌۭ ﴿٢٣﴾

بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي الله اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون پيون وھنديون منجھن سون جا زيور ۽ موتي پارائبا، ۽ منجھن سندين پوشاڪ پَٽَ جي ھوندي.

وَهُدُوٓاْ إِلَى ٱلطَّيِّبِ مِنَ ٱلْقَوْلِ وَهُدُوٓاْ إِلَىٰ صِرَٰطِ ٱلْحَمِيدِ ﴿٢٤﴾

۽ (دُنيا ۾) کين چڱي ڳالھ ڏانھن رستو ڏيکاريو ويو ھو، ۽ الله ساراھيل جي واٽ ڏانھن رستي لاتا ويا ھوا.

إِنَّ ٱلَّذِينَ كَفَرُواْ وَيَصُدُّونَ عَن سَبِيلِ ٱللَّهِ وَٱلْمَسْجِدِ ٱلْحَرَامِ ٱلَّذِى جَعَلْنَٰهُ لِلنَّاسِ سَوَآءً ٱلْعَٰكِفُ فِيهِ وَٱلْبَادِ ۚ وَمَن يُرِدْ فِيهِ بِإِلْحَادٍۭ بِظُلْمٍۢ نُّذِقْهُ مِنْ عَذَابٍ أَلِيمٍۢ ﴿٢٥﴾

بيشڪ جن ڪفر ڪيو ۽ (ماڻھن کي) الله جي واٽ ۽ اُنھي تعظيم واريءَ مسجد کان جھليندا آھن جا ماڻھن لاءِ بڻائي سون جنھن ۾ شھري ۽ ٻھراڙيءَ وارا ھڪ جھڙا آھن، ۽ جيڪو منجھس ظلم سان زيادتيءَ جو ارادو ڪندو تنھن کي ڏکوئيندڙ عذاب چکائينداسون.

وَإِذْ بَوَّأْنَا لِإِبْرَٰهِيمَ مَكَانَ ٱلْبَيْتِ أَن لَّا تُشْرِكْ بِى شَيْـًۭٔا وَطَهِّرْ بَيْتِىَ لِلطَّآئِفِينَ وَٱلْقَآئِمِينَ وَٱلرُّكَّعِ ٱلسُّجُودِ ﴿٢٦﴾

۽ (ياد ڪر) جڏھن ابراھيم لاءِ بَيۡتُ الله جو ھنڌ مقرّر ڪيوسون، (۽ سمجھايوسون) ته مون سان ڪنھن کي شريڪ نه ڪر ۽ منھنجي گھر کي طواف ڪندڙن ۽ بيھندڙن ۽ رڪوع ڪندڙن (۽) سجدي ڪندڙن لاءِ پاڪ رک.

وَأَذِّن فِى ٱلنَّاسِ بِٱلْحَجِّ يَأْتُوكَ رِجَالًۭا وَعَلَىٰ كُلِّ ضَامِرٍۢ يَأْتِينَ مِن كُلِّ فَجٍّ عَمِيقٍۢ ﴿٢٧﴾

۽ ماڻھن ۾ حج جو پڙھو ڏي ته توڏانھن پيادا ۽ ڏٻرن اُٺن تي چڙھي ايندا جو ڏورين واٽن کان (ھِن لاءِ) ايندا.

لِّيَشْهَدُواْ مَنَٰفِعَ لَهُمْ وَيَذْكُرُواْ ٱسْمَ ٱللَّهِ فِىٓ أَيَّامٍۢ مَّعْلُومَٰتٍ عَلَىٰ مَا رَزَقَهُم مِّنۢ بَهِيمَةِ ٱلْأَنْعَٰمِ ۖ فَكُلُواْ مِنْهَا وَأَطْعِمُواْ ٱلْبَآئِسَ ٱلْفَقِيرَ ﴿٢٨﴾

ته پنھنجي فائدي جي ھنڌ تي پھچن ۽ ڍورن مان جيڪا روزي کين الله ڏني تنھن تي ڄاڻايلن ڏينھن ۾ (ذبح مھل) الله جو نالو ياد ڪن، پوءِ انھن منجھان (پاڻ به) کائو ۽ عاجز فقير کي به کارايو.

ثُمَّ لْيَقْضُواْ تَفَثَهُمْ وَلْيُوفُواْ نُذُورَهُمْ وَلْيَطَّوَّفُواْ بِٱلْبَيْتِ ٱلْعَتِيقِ ﴿٢٩﴾

وري ڀلي ته پنھنجي (جسي جي) مَرُّ لاھين ۽ پنھنجيون مڃتائون پوريون ڪن ۽ ھن قديم گھر جو طواف ڪن.

ذَٰلِكَ وَمَن يُعَظِّمْ حُرُمَٰتِ ٱللَّهِ فَهُوَ خَيْرٌۭ لَّهُۥ عِندَ رَبِّهِۦ ۗ وَأُحِلَّتْ لَكُمُ ٱلْأَنْعَٰمُ إِلَّا مَا يُتْلَىٰ عَلَيْكُمْ ۖ فَٱجْتَنِبُواْ ٱلرِّجْسَ مِنَ ٱلْأَوْثَٰنِ وَٱجْتَنِبُواْ قَوْلَ ٱلزُّورِ ﴿٣٠﴾

اِھو (حُڪم) آھي، ۽ جيڪو الله جي عبادت جي رڪنن جو ادب ڪندو تنھن لاءِ اُھو سندن پالڻھار وٽ ڀلو آھي، ۽ جيڪي اوھان کي پڙھي ٻڌائبو تنھن کانسواءِ ٻيا ڍور اوھان تي حلال ڪيا ويا تنھنڪري بُتن جي پليتيءَ کان پاسو ڪريو ۽ ڪوڙي ڳالھ کان (به) پاسو ڪريو.

حُنَفَآءَ لِلَّهِ غَيْرَ مُشْرِكِينَ بِهِۦ ۚ وَمَن يُشْرِكْ بِٱللَّهِ فَكَأَنَّمَا خَرَّ مِنَ ٱلسَّمَآءِ فَتَخْطَفُهُ ٱلطَّيْرُ أَوْ تَهْوِى بِهِ ٱلرِّيحُ فِى مَكَانٍۢ سَحِيقٍۢ ﴿٣١﴾

الله ڏانھن ھڪ طرفا ٿي (۽) ساڻس شريڪ مُقرّر ڪندڙ نه ٿي (پاسو ڪريو)، ۽ جيڪو الله سان شريڪ مقرّر ڪندو سو آسمان کان ڪِريو جنھن کي (مردار خور) پکي کڻي ويا يا کيس واءُ (اُڏائي) پري ھنڌ اُڇليو.

ذَٰلِكَ وَمَن يُعَظِّمْ شَعَٰٓئِرَ ٱللَّهِ فَإِنَّهَا مِن تَقْوَى ٱلْقُلُوبِ ﴿٣٢﴾

اِھو (حُڪم) آھي، ۽ جيڪو الله جي (عبادت جي) نشانين جو اَدب ڪري (۽ بُتن ۽ ڪوڙ کان پاڻ پَلي سو پرھيزگار آھي) ڇوته اِھو (ڪم) دلين جي پرھيزگاريءَ سان آھي.

لَكُمْ فِيهَا مَنَٰفِعُ إِلَىٰٓ أَجَلٍۢ مُّسَمًّۭى ثُمَّ مَحِلُّهَآ إِلَى ٱلْبَيْتِ ٱلْعَتِيقِ ﴿٣٣﴾

اوھان لاءِ انھن (ڍورن) ۾ گھڻا نفعا مقرّر مُدت تائين آھن وري قديم گھر ڏانھن (ڪسڻ لاءِ) پھچڻ جو ھنڌ اٿن.

وَلِكُلِّ أُمَّةٍۢ جَعَلْنَا مَنسَكًۭا لِّيَذْكُرُواْ ٱسْمَ ٱللَّهِ عَلَىٰ مَا رَزَقَهُم مِّنۢ بَهِيمَةِ ٱلْأَنْعَٰمِ ۗ فَإِلَٰهُكُمْ إِلَٰهٌۭ وَٰحِدٌۭ فَلَهُۥٓ أَسْلِمُواْ ۗ وَبَشِّرِ ٱلْمُخْبِتِينَ ﴿٣٤﴾

۽ سڀڪنھن ٽوليءَ لاءِ قرباني جي طرح ھن لاءِ مقرر ڪئي سون ته کين ڍورن مان جيڪي روزي الله ڏني تنھن تي الله جو نالو ياد ڪن، پوءِ اوھان جو معبود ھڪ خُدا آھي تنھنڪري سندس حُڪم مڃيو، ۽ انھن عاجزي ڪندڙن کي خوشخبري ڏي.

ٱلَّذِينَ إِذَا ذُكِرَ ٱللَّهُ وَجِلَتْ قُلُوبُهُمْ وَٱلصَّٰبِرِينَ عَلَىٰ مَآ أَصَابَهُمْ وَٱلْمُقِيمِى ٱلصَّلَوٰةِ وَمِمَّا رَزَقْنَٰهُمْ يُنفِقُونَ ﴿٣٥﴾

جن جون دليون جڏھن الله کي ياد ڪبو آھي (تڏھن) ٿَڙڪنديون آھن ۽ (پڻ انھن ماڻھن کي جو) جيڪي مٿانِ آيو تنھن تي صبر ڪندڙ آھن ۽ نماز پڙھندڙ آھن ۽ کين جيڪا روزي ڏني سون تنھن مان خرچيندا آھن.

وَٱلْبُدْنَ جَعَلْنَٰهَا لَكُم مِّن شَعَٰٓئِرِ ٱللَّهِ لَكُمْ فِيهَا خَيْرٌۭ ۖ فَٱذْكُرُواْ ٱسْمَ ٱللَّهِ عَلَيْهَا صَوَآفَّ ۖ فَإِذَا وَجَبَتْ جُنُوبُهَا فَكُلُواْ مِنْهَا وَأَطْعِمُواْ ٱلْقَانِعَ وَٱلْمُعْتَرَّ ۚ كَذَٰلِكَ سَخَّرْنَٰهَا لَكُمْ لَعَلَّكُمْ تَشْكُرُونَ ﴿٣٦﴾

۽ قربانيءَ وارن اُٺن کي اوھان لاءِ الله جي عبادت جي نشانين مان ڪيوسون منجھس اوھان لاءِ ڀلائي آھي، پوءِ قطاري مٿن الله جو نالو ياد ڪريو (يعني ذبح ڪريو)، پوءِ جڏھن اُھي پاسي ڀر ليٽن تڏھن منجھائن کائو ۽ (فقيرن) نه سوال ڪندڙ ۽ سوال ڪندڙ کي کارايو، اھڙي طرح اوھان کي اُھي تابع ڪري ڏناسون ته مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.

لَن يَنَالَ ٱللَّهَ لُحُومُهَا وَلَا دِمَآؤُهَا وَلَٰكِن يَنَالُهُ ٱلتَّقْوَىٰ مِنكُمْ ۚ كَذَٰلِكَ سَخَّرَهَا لَكُمْ لِتُكَبِّرُواْ ٱللَّهَ عَلَىٰ مَا هَدَىٰكُمْ ۗ وَبَشِّرِ ٱلْمُحْسِنِينَ ﴿٣٧﴾

نڪي اُنھن (قربانين) جو گوشت ۽ نڪي اُنھن جو رتُ الله کي پھچندو آھي پر اوھان جي پرھيزگاري الله کي پھچندي آھي، اھڙي طرح ھو اوھان کي تابع ڪري ڏنائين ته اوھين الله جي وڏائي (ھن شڪراني سببان) بيان ڪريو جو اوھان کي ھدايت ڪيائين، ۽ ڀلارن کي خوشخبري ڏي.

۞ إِنَّ ٱللَّهَ يُدَٰفِعُ عَنِ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓاْ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ لَا يُحِبُّ كُلَّ خَوَّانٍۢ كَفُورٍ ﴿٣٨﴾

بيشڪ الله مؤمنن کان (سندن ويري) ٽاريندو آھي، ڇوته الله سڀڪنھن خيانت ڪندڙ بي شڪر کي دوست نه رکندو آھي.

أُذِنَ لِلَّذِينَ يُقَٰتَلُونَ بِأَنَّهُمْ ظُلِمُواْ ۚ وَإِنَّ ٱللَّهَ عَلَىٰ نَصْرِهِمْ لَقَدِيرٌ ﴿٣٩﴾

جن سان (ڪافر) وڙھندا آھن تن کي (جھاد لاءِ) انھيءَ ڪري موڪل ڏني وئي جو انھن تي ظلم ڪيو ويو آھي، ۽ بيشڪ الله کين مدد ڏيڻ تي وس وارو آھي.

ٱلَّذِينَ أُخْرِجُواْ مِن دِيَٰرِهِم بِغَيْرِ حَقٍّ إِلَّآ أَن يَقُولُواْ رَبُّنَا ٱللَّهُ ۗ وَلَوْلَا دَفْعُ ٱللَّهِ ٱلنَّاسَ بَعْضَهُم بِبَعْضٍۢ لَّهُدِّمَتْ صَوَٰمِعُ وَبِيَعٌۭ وَصَلَوَٰتٌۭ وَمَسَٰجِدُ يُذْكَرُ فِيهَا ٱسْمُ ٱللَّهِ كَثِيرًۭا ۗ وَلَيَنصُرَنَّ ٱللَّهُ مَن يَنصُرُهُۥٓ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ لَقَوِىٌّ عَزِيزٌ ﴿٤٠﴾

جن کي پنھنجن ديسن مان ناحق لوڌيو ويو تن (ھن) چوڻ کانسواءِ (ٻيو) نه چيو ته اسانجو پالڻھار الله آھي، ۽ جيڪڏھن ڪن ماڻھن سان ڪن کي الله نه ٽاري ھا ته (جيڪر) خانقاھون ۽ گرجائون ۽ ڪليسا ۽ مسجدون جن ۾ الله جو نالو گھڻو ياد ڪبو آھي سي ضرور ڊاٺيون وڃن ھا، ۽ جيڪو الله (جي دين) جي مدد ڪندو آھي تنھنکي الله ضرور مدد ڏيندو آھي، ڇو ته الله ضرور ڏاڍو ۽ غالب آھي.

ٱلَّذِينَ إِن مَّكَّنَّٰهُمْ فِى ٱلْأَرْضِ أَقَامُواْ ٱلصَّلَوٰةَ وَءَاتَوُاْ ٱلزَّكَوٰةَ وَأَمَرُواْ بِٱلْمَعْرُوفِ وَنَهَوْاْ عَنِ ٱلْمُنكَرِ ۗ وَلِلَّهِ عَٰقِبَةُ ٱلْأُمُورِ ﴿٤١﴾

انھن ماڻھن کي جو جيڪڏھن کين زمين ۾ غلبو ڏينداسون ته نماز پڙھندا ۽ زڪوٰة ڏيندا ۽ چڱن ڪمن جو حُڪم ڪندا ۽ مدن ڪمن کان منع ڪندا، ۽ سڀني ڪمن جي پڇاڙي الله لاءِ آھي.

وَإِن يُكَذِّبُوكَ فَقَدْ كَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوحٍۢ وَعَادٌۭ وَثَمُودُ ﴿٤٢﴾

۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن توکي ڪوڙو ڀانئين ٿا ته بيشڪ کائن اڳ نوح جي قوم ۽ عادين ثمودين (پيغمبرن کي) ڪوڙ ڄاتو ھو.

وَقَوْمُ إِبْرَٰهِيمَ وَقَوْمُ لُوطٍۢ ﴿٤٣﴾

۽ ابراھيم جي قوم ۽ لُوط جي قوم (به).

وَأَصْحَٰبُ مَدْيَنَ ۖ وَكُذِّبَ مُوسَىٰ فَأَمْلَيْتُ لِلْكَٰفِرِينَ ثُمَّ أَخَذْتُهُمْ ۖ فَكَيْفَ كَانَ نَكِيرِ ﴿٤٤﴾

۽ مَدۡيَن وارن (به پنھنجي پيغمبرن کي ڪُوڙو ڄاتو)، ۽ مُوسىٰ کي (به) ڪوڙو ڄاتو ويو پوءِ انھن ڪافرن کي ڍر ڏنم وري کين پڪڙيم، پوءِ منھنجي سزا ڪھڙي (نه سخت) ھُئي.

فَكَأَيِّن مِّن قَرْيَةٍ أَهْلَكْنَٰهَا وَهِىَ ظَالِمَةٌۭ فَهِىَ خَاوِيَةٌ عَلَىٰ عُرُوشِهَا وَبِئْرٍۢ مُّعَطَّلَةٍۢ وَقَصْرٍۢ مَّشِيدٍ ﴿٤٥﴾

پوءِ ڪيترائي ڳوٺ آھن جن کي ناس ڪيوسون ۽ اُھي ظالم ھوا پوءِ اُھي پنھنجي ڇتن سميت ڊٺل آھن، ۽ گھڻا کُوھ اُجڙيل ۽ گھڻيون بلند ماڙيون سُڃيون پيون آھن.

أَفَلَمْ يَسِيرُواْ فِى ٱلْأَرْضِ فَتَكُونَ لَهُمْ قُلُوبٌۭ يَعْقِلُونَ بِهَآ أَوْ ءَاذَانٌۭ يَسْمَعُونَ بِهَا ۖ فَإِنَّهَا لَا تَعْمَى ٱلْأَبْصَٰرُ وَلَٰكِن تَعْمَى ٱلْقُلُوبُ ٱلَّتِى فِى ٱلصُّدُورِ ﴿٤٦﴾

پوءِ مُلڪ ۾ نه گھميا آھن ڇا؟ ته کين (اھڙيون) دليون ھجن جن سان اُھي سمجھن يا کين (اھڙا) ڪن ھجن جن سان ٻُڌن، بيشڪ ھي (حالت) آھي ته سندن اکيون انڌيون نه آھن پر دليون انڌيون اٿن جيڪي سندن سينن ۾ آھن.

وَيَسْتَعْجِلُونَكَ بِٱلْعَذَابِ وَلَن يُخْلِفَ ٱللَّهُ وَعْدَهُۥ ۚ وَإِنَّ يَوْمًا عِندَ رَبِّكَ كَأَلْفِ سَنَةٍۢ مِّمَّا تَعُدُّونَ ﴿٤٧﴾

۽ (اي پيغمبر) توکان عذاب جو جلد اچڻ گھرندا آھن ۽ الله پنھنجو انجام ڪڏھن اُبتڙ نه ڪندو، ۽ تنھنجي پالڻھار وٽ ھڪ ڏينھن اوھان جي ڳاڻيٽي جي ھزار ورھ جي برابر آھي.

وَكَأَيِّن مِّن قَرْيَةٍ أَمْلَيْتُ لَهَا وَهِىَ ظَالِمَةٌۭ ثُمَّ أَخَذْتُهَا وَإِلَىَّ ٱلْمَصِيرُ ﴿٤٨﴾

۽ گھڻا ڳوٺ آھن جن کي مُھلت ڏنم ۽ اُھي ظالم ھوا وري کين پڪڙيم، ۽ مون ڏانھن موٽڻ آھي.

قُلْ يَٰٓأَيُّهَا ٱلنَّاسُ إِنَّمَآ أَنَا۠ لَكُمْ نَذِيرٌۭ مُّبِينٌۭ ﴿٤٩﴾

(اي پيغمبر) چؤ ته اي ماڻھؤ آءٌ اوھان کي رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.

فَٱلَّذِينَ ءَامَنُواْ وَعَمِلُواْ ٱلصَّٰلِحَٰتِ لَهُم مَّغْفِرَةٌۭ وَرِزْقٌۭ كَرِيمٌۭ ﴿٥٠﴾

پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ بخشش ۽ سڳوري روزي آھي.

وَٱلَّذِينَ سَعَوْاْ فِىٓ ءَايَٰتِنَا مُعَٰجِزِينَ أُوْلَٰٓئِكَ أَصْحَٰبُ ٱلْجَحِيمِ ﴿٥١﴾

۽ جيڪي اسان جي آيتن جي جھڪي ڪرڻ ۾ ڊوڙيا سي دوزخي آھن.

وَمَآ أَرْسَلْنَا مِن قَبْلِكَ مِن رَّسُولٍۢ وَلَا نَبِىٍّ إِلَّآ إِذَا تَمَنَّىٰٓ أَلْقَى ٱلشَّيْطَٰنُ فِىٓ أُمْنِيَّتِهِۦ فَيَنسَخُ ٱللَّهُ مَا يُلْقِى ٱلشَّيْطَٰنُ ثُمَّ يُحْكِمُ ٱللَّهُ ءَايَٰتِهِۦ ۗ وَٱللَّهُ عَلِيمٌ حَكِيمٌۭ ﴿٥٢﴾

۽ (اي پيغمبر) توکان اڳ نه ڪوئي پيغمبر ۽ نه ڪوئي نبي موڪليوسون پر جڏھن ڪا (انساني) آرزو ڪيائين تڏھن شيطان سندن آرزوءِ ۾ (حرڪت) وجھڻ لڳو، پوءِ جيڪو شيطان وڌو سو الله مٽائيندو رھيو وري الله پنھنجين آيتن کي مُحڪم ڪري ٿو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

لِّيَجْعَلَ مَا يُلْقِى ٱلشَّيْطَٰنُ فِتْنَةًۭ لِّلَّذِينَ فِى قُلُوبِهِم مَّرَضٌۭ وَٱلْقَاسِيَةِ قُلُوبُهُمْ ۗ وَإِنَّ ٱلظَّٰلِمِينَ لَفِى شِقَاقٍۭ بَعِيدٍۢ ﴿٥٣﴾

ھن لاءِ ته شيطان جيڪا حرڪت وڌي تنھن سان انھن کي ڌار ڪري پرکي جن جي دلين ۾ بيماري آھي ۽ سندين دليون سخت آھن، ۽ بيشڪ ظالم وڏي ڦيٽي ۾ آھن.

وَلِيَعْلَمَ ٱلَّذِينَ أُوتُواْ ٱلْعِلْمَ أَنَّهُ ٱلْحَقُّ مِن رَّبِّكَ فَيُؤْمِنُواْ بِهِۦ فَتُخْبِتَ لَهُۥ قُلُوبُهُمْ ۗ وَإِنَّ ٱللَّهَ لَهَادِ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓاْ إِلَىٰ صِرَٰطٍۢ مُّسْتَقِيمٍۢ ﴿٥٤﴾

۽ ته جن کي علم ڏنو ويو سي ڄاڻن ته اُھو تنھنجي پالڻھار وٽان سچ آھي پوءِ اُن تي ايمان آڻين ۽ سندن دليون الله لاءِ عاجزي ڪن، ۽ بيشڪ الله مؤمنن کي سڌي واٽ ڏانھن ضرور سڌو رستو ڏيکاريندو آھي.

وَلَا يَزَالُ ٱلَّذِينَ كَفَرُواْ فِى مِرْيَةٍۢ مِّنْهُ حَتَّىٰ تَأْتِيَهُمُ ٱلسَّاعَةُ بَغْتَةً أَوْ يَأْتِيَهُمْ عَذَابُ يَوْمٍ عَقِيمٍ ﴿٥٥﴾

۽ ڪافر اُنھيءَ (وحي) کان (ايسين) سدائين شڪ ۾ ھوندا جيسين اوچتو وٽن قيامت پھچي يا ندوري ڏينھن جو عذاب وٽن پھچي.

ٱلْمُلْكُ يَوْمَئِذٍۢ لِّلَّهِ يَحْكُمُ بَيْنَهُمْ ۚ فَٱلَّذِينَ ءَامَنُواْ وَعَمِلُواْ ٱلصَّٰلِحَٰتِ فِى جَنَّٰتِ ٱلنَّعِيمِ ﴿٥٦﴾

اُنھيءَ ڏينھن الله جي بادشاھي آھي، (اُھو) سندن وچ ۾ نبيرو ڪندو، پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا سي نعمتن وارن باغن ۾ ھوندا.

وَٱلَّذِينَ كَفَرُواْ وَكَذَّبُواْ بِـَٔايَٰتِنَا فَأُوْلَٰٓئِكَ لَهُمْ عَذَابٌۭ مُّهِينٌۭ ﴿٥٧﴾

۽ جن انڪار ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو سي اُھي آھن جن لاءِ خواريءَ وارو عذاب آھي.

وَٱلَّذِينَ هَاجَرُواْ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ ثُمَّ قُتِلُوٓاْ أَوْ مَاتُواْ لَيَرْزُقَنَّهُمُ ٱللَّهُ رِزْقًا حَسَنًۭا ۚ وَإِنَّ ٱللَّهَ لَهُوَ خَيْرُ ٱلرَّٰزِقِينَ ﴿٥٨﴾

۽ جن الله جي واٽ ۾ ديس ڇڏيو وري ڪُسجي ويا يا مُئا تن کي الله چڱو رِزق ڏيندو، ۽ الله چڱو روزي ڏيندڙ آھي.

لَيُدْخِلَنَّهُم مُّدْخَلًۭا يَرْضَوْنَهُۥ ۗ وَإِنَّ ٱللَّهَ لَعَلِيمٌ حَلِيمٌۭ ﴿٥٩﴾

جو ھنڌ ھنن کي وڻندو تنھن ۾ ضرور کين داخل ڪندو، ۽ بيشڪ الله ضرور ڄاڻندڙ بُردبار آھي.

۞ ذَٰلِكَ وَمَنْ عَاقَبَ بِمِثْلِ مَا عُوقِبَ بِهِۦ ثُمَّ بُغِىَ عَلَيْهِ لَيَنصُرَنَّهُ ٱللَّهُ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ لَعَفُوٌّ غَفُورٌۭ ﴿٦٠﴾

اِھو (حڪم) آھي، ۽ جيڪو جيترو ايذايو ويو اوترو ايذائي وري مٿس زيادتي ڪئي وڃي ته اُن (ايذايل) کي الله مدد ڏيندو، بيشڪ الله معافي ڏيندڙ بخشڻھار آھي.

ذَٰلِكَ بِأَنَّ ٱللَّهَ يُولِجُ ٱلَّيْلَ فِى ٱلنَّهَارِ وَيُولِجُ ٱلنَّهَارَ فِى ٱلَّيْلِ وَأَنَّ ٱللَّهَ سَمِيعٌۢ بَصِيرٌۭ ﴿٦١﴾

اِھا (مدد) ھن سببان آھي ته الله رات کي ڏينھن ۾ وجھندو آھي ۽ ڏينھن کي رات ۾ وجھندو آھي ۽ (ھن ڪري) ته الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.

ذَٰلِكَ بِأَنَّ ٱللَّهَ هُوَ ٱلْحَقُّ وَأَنَّ مَا يَدْعُونَ مِن دُونِهِۦ هُوَ ٱلْبَٰطِلُ وَأَنَّ ٱللَّهَ هُوَ ٱلْعَلِىُّ ٱلْكَبِيرُ ﴿٦٢﴾

اِھا (مدد) ھن ڪري آھي ته الله پاڻ برحق آھي ۽ الله کانسواءِ جنھن کي سڏيندا آھن سو ڪوڙو آھي ۽ (ھن ڪري) ته الله ئي مٿاھون وڏو آھي.

أَلَمْ تَرَ أَنَّ ٱللَّهَ أَنزَلَ مِنَ ٱلسَّمَآءِ مَآءًۭ فَتُصْبِحُ ٱلْأَرْضُ مُخْضَرَّةً ۗ إِنَّ ٱللَّهَ لَطِيفٌ خَبِيرٌۭ ﴿٦٣﴾

(اي پيغمبر) نه ڏٺو اٿئي ڇا ته الله آسمانن مان (مينھن جو) پاڻي وسايو، پوءِ زمين ساول واري ٿيندي آھي، ڇوته الله لُطف ڪندڙ خبر رکندڙ آھي.

لَّهُۥ مَا فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ ۗ وَإِنَّ ٱللَّهَ لَهُوَ ٱلْغَنِىُّ ٱلْحَمِيدُ ﴿٦٤﴾

جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ الله ضروربي پرواھ ساراھيل آھي.

أَلَمْ تَرَ أَنَّ ٱللَّهَ سَخَّرَ لَكُم مَّا فِى ٱلْأَرْضِ وَٱلْفُلْكَ تَجْرِى فِى ٱلْبَحْرِ بِأَمْرِهِۦ وَيُمْسِكُ ٱلسَّمَآءَ أَن تَقَعَ عَلَى ٱلْأَرْضِ إِلَّا بِإِذْنِهِۦٓ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ بِٱلنَّاسِ لَرَءُوفٌۭ رَّحِيمٌۭ ﴿٦٥﴾

(اي پيغمبر) نه ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪي زمين ۾ آھي سو الله اوھان لاءِ نوايو آھي ۽ ٻيڙيون درياءَ ۾ سندس حُڪم سان تَرنديون آھن، ۽ آسمان کي زمين تي ڪرڻ کان جھليندو آھي پر (جي ڪيرائيس ته) سندس اختيار آھي، بيشڪ الله ماڻھن تي بخشڻھار مھربان آھي.

وَهُوَ ٱلَّذِىٓ أَحْيَاكُمْ ثُمَّ يُمِيتُكُمْ ثُمَّ يُحْيِيكُمْ ۗ إِنَّ ٱلْإِنسَٰنَ لَكَفُورٌۭ ﴿٦٦﴾

۽ اُھوئي آھي جنھن اوھان کي جياريو، وري اوھان کي ماريندو وري اوھان کي جياريندو، بيشڪ ماڻھو بي شڪر آھي.

لِّكُلِّ أُمَّةٍۢ جَعَلْنَا مَنسَكًا هُمْ نَاسِكُوهُ ۖ فَلَا يُنَٰزِعُنَّكَ فِى ٱلْأَمْرِ ۚ وَٱدْعُ إِلَىٰ رَبِّكَ ۖ إِنَّكَ لَعَلَىٰ هُدًۭى مُّسْتَقِيمٍۢ ﴿٦٧﴾

سڀڪنھن ٽوليءَ لاءِ ھڪ شريعت مقرر ڪئي سون جنھن تي اُھي عمل ڪندڙ آھن پوءِ جڳائين ته ھِن ڪم ۾ جھڳڙو نه ڪن ۽ (تون) پنھنجي پالڻھار ڏانھن (ماڻھن کي) سڏيندو رھ، بيشڪ تون سڌيءَ واٽ تي آھين.

وَإِن جَٰدَلُوكَ فَقُلِ ٱللَّهُ أَعْلَمُ بِمَا تَعْمَلُونَ ﴿٦٨﴾

۽ جيڪڏھن توسان جھڳڙو ڪن ته چؤ جيڪي ڪندا آھيو تنھنکي الله چڱو ڄاڻندڙ آھي.

ٱللَّهُ يَحْكُمُ بَيْنَكُمْ يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ فِيمَا كُنتُمْ فِيهِ تَخْتَلِفُونَ ﴿٦٩﴾

جنھن بابت اوھين تڪرار ڪندا آھيو تنھن بابت قيامت جي ڏينھن الله اوھان جي وچ ۾ نبيرو ڪندو.

أَلَمْ تَعْلَمْ أَنَّ ٱللَّهَ يَعْلَمُ مَا فِى ٱلسَّمَآءِ وَٱلْأَرْضِ ۗ إِنَّ ذَٰلِكَ فِى كِتَٰبٍ ۚ إِنَّ ذَٰلِكَ عَلَى ٱللَّهِ يَسِيرٌۭ ﴿٧٠﴾

(اي پيغمبر) معلوم نه اٿئي ڇا ته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو الله ڄاڻندو آھي؟ بيشڪ اِھا (ڳالھ) ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ لکيل آھي، بيشڪ اُھو الله کي سولو آھي.

وَيَعْبُدُونَ مِن دُونِ ٱللَّهِ مَا لَمْ يُنَزِّلْ بِهِۦ سُلْطَٰنًۭا وَمَا لَيْسَ لَهُم بِهِۦ عِلْمٌۭ ۗ وَمَا لِلظَّٰلِمِينَ مِن نَّصِيرٍۢ ﴿٧١﴾

۽ (ڪافر) الله کانسواءِ اُنھيءَ کي پوڄيندا آھن جنھن لاءِ ڪا سند نه لاٿي اٿس ۽ (پڻ) انھيءَ کي (پوڄيندا آھن) جنھن جي کين ڪا خبر نه آھي، ۽ ظالمن جو ڪو مددگار ڪونه آھي.

وَإِذَا تُتْلَىٰ عَلَيْهِمْ ءَايَٰتُنَا بَيِّنَٰتٍۢ تَعْرِفُ فِى وُجُوهِ ٱلَّذِينَ كَفَرُواْ ٱلْمُنكَرَ ۖ يَكَادُونَ يَسْطُونَ بِٱلَّذِينَ يَتْلُونَ عَلَيْهِمْ ءَايَٰتِنَا ۗ قُلْ أَفَأُنَبِّئُكُم بِشَرٍّۢ مِّن ذَٰلِكُمُ ۗ ٱلنَّارُ وَعَدَهَا ٱللَّهُ ٱلَّذِينَ كَفَرُواْ ۖ وَبِئْسَ ٱلْمَصِيرُ ﴿٧٢﴾

۽ جڏھن اسان جيون چٽيون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون آھن تڏھن ڪافرن جي منھن ۾ ناراضپو معلوم ڪندو آھين، جيڪي مٿن اسان جون آيتون پڙھندا آھن تن تي ڪاھي پوڻ لاءِ ويجھا ٿيندا آھن، (اي پيغمبر کين) چؤ ته ھن کان وڌيڪ بڇڙي ڳالھ جي سُڌ اوھان کي ڏيان ڇا؟ (اُھا) باھ آھي جنھن جو الله ڪافرن کي انجام ڏنو آھي، اُھا جاءِ بُڇڙي آھي.

يَٰٓأَيُّهَا ٱلنَّاسُ ضُرِبَ مَثَلٌۭ فَٱسْتَمِعُواْ لَهُۥٓ ۚ إِنَّ ٱلَّذِينَ تَدْعُونَ مِن دُونِ ٱللَّهِ لَن يَخْلُقُواْ ذُبَابًۭا وَلَوِ ٱجْتَمَعُواْ لَهُۥ ۖ وَإِن يَسْلُبْهُمُ ٱلذُّبَابُ شَيْـًۭٔا لَّا يَسْتَنقِذُوهُ مِنْهُ ۚ ضَعُفَ ٱلطَّالِبُ وَٱلْمَطْلُوبُ ﴿٧٣﴾

اي ماڻھؤ ھڪ مثال بيان ڪجي ٿو اُھو اوھين ٻڌو، بيشڪ الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھيو سي ڪا مَک پيدا نه ڪندا آھن توڻيڪ اُن (جي بڻائڻ) لاءِ گھڻا گڏ ٿين، ۽ جيڪڏھن مَک کانئن ڪا شيء وٺي ته اُھا کانئس ڇڏائي نه سگھندا، طالب ۽ مطلوب (پوڄارا ۽ بت ٻئي) ھيڻا آھن.

مَا قَدَرُواْ ٱللَّهَ حَقَّ قَدْرِهِۦٓ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ لَقَوِىٌّ عَزِيزٌ ﴿٧٤﴾

جھڙو الله جو قدر آھي (تھڙو) سندس قدر بجاءِ نه آندائون، بيشڪ الله ڏاڍو غالب آھي.

ٱللَّهُ يَصْطَفِى مِنَ ٱلْمَلَٰٓئِكَةِ رُسُلًۭا وَمِنَ ٱلنَّاسِ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ سَمِيعٌۢ بَصِيرٌۭ ﴿٧٥﴾

الله ملائڪن ۽ ماڻھن مان پيغام پھچائڻ وارا چونڊيندو آھي، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.

يَعْلَمُ مَا بَيْنَ أَيْدِيهِمْ وَمَا خَلْفَهُمْ ۗ وَإِلَى ٱللَّهِ تُرْجَعُ ٱلْأُمُورُ ﴿٧٦﴾

جيڪي سندن اڳيان ۽ سندن پويان آھي سو الله ڄاڻندو آھي، ۽ الله ڏانھن سڀ ڪم موٽايا وڃن ٿا.

يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُواْ ٱرْكَعُواْ وَٱسْجُدُواْ وَٱعْبُدُواْ رَبَّكُمْ وَٱفْعَلُواْ ٱلْخَيْرَ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُونَ ۩ ﴿٧٧﴾

اي ايمان وارؤ رڪوع ڪريو ۽ سجدو ڪريو ۽ پنھنجي پالڻھار جي عبادت ڪريو ۽ چڱا ڪم ڪريو ته مانَ اوھين ڇُٽو.

وَجَٰهِدُواْ فِى ٱللَّهِ حَقَّ جِهَادِهِۦ ۚ هُوَ ٱجْتَبَىٰكُمْ وَمَا جَعَلَ عَلَيْكُمْ فِى ٱلدِّينِ مِنْ حَرَجٍۢ ۚ مِّلَّةَ أَبِيكُمْ إِبْرَٰهِيمَ ۚ هُوَ سَمَّىٰكُمُ ٱلْمُسْلِمِينَ مِن قَبْلُ وَفِى هَٰذَا لِيَكُونَ ٱلرَّسُولُ شَهِيدًا عَلَيْكُمْ وَتَكُونُواْ شُهَدَآءَ عَلَى ٱلنَّاسِ ۚ فَأَقِيمُواْ ٱلصَّلَوٰةَ وَءَاتُواْ ٱلزَّكَوٰةَ وَٱعْتَصِمُواْ بِٱللَّهِ هُوَ مَوْلَىٰكُمْ ۖ فَنِعْمَ ٱلْمَوْلَىٰ وَنِعْمَ ٱلنَّصِيرُ ﴿٧٨﴾

۽ الله (جي دين) ۾ اھڙو جھاد ڪريو جھڙو اُن جي جھاد جو حق آھي، اُنھيءَ اوھان کي پسند ڪيو ۽ اوھان تي دين ۾ ڪا اوکائي نه ڪيائين، اوھان جي پيءُ ابراھيم جو دين (اوھان جو دين ڪيائين)، الله اوھان جو نالو ھن کان اڳ ۽ ھن (قرآن) ۾ مسلمان ھن لاءِ رکيو آھي ته پيغمبر (ﷴ رسُول ﷺ) اوھان تي شاھد ھجي ۽ اوھين ماڻھن تي شاھد ھجو، پوءِ نماز پڙھو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ الله کي چنبڙي وٺو، (جو) اُھو اوھان جو سائين آھي، پوءِ چڱو سائين ۽ چڱو مددگار آھي.

Quran For All V5