About Script
سورة القمر

Sindhi

سورة القمر - عدد الآيات 55

ٱقْتَرَبَتِ ٱلسَّاعَةُ وَٱنشَقَّ ٱلْقَمَرُ ﴿١﴾

قيامت ويجھي آئي ۽ چنڊ چيرجي پيو.

وَإِن يَرَوْاْ ءَايَةًۭ يُعْرِضُواْ وَيَقُولُواْ سِحْرٌۭ مُّسْتَمِرٌّۭ ﴿٢﴾

۽ جيڪڏھن (ڪافر) ڪا نشاني ڏسندا ته مُنھن موڙيندا ۽ چوندا ته ھيء قديمي جادو آھي.

وَكَذَّبُواْ وَٱتَّبَعُوٓاْ أَهْوَآءَهُمْ ۚ وَكُلُّ أَمْرٍۢ مُّسْتَقِرٌّۭ ﴿٣﴾

۽ ڪوڙ ڄاتائون ۽ پنھنجن سَڌن تي ھليا ۽ سڀڪو ڪم پنھنجي وقت تي ٺھرايل آھي.

وَلَقَدْ جَآءَهُم مِّنَ ٱلْأَنۢبَآءِ مَا فِيهِ مُزْدَجَرٌ ﴿٤﴾

۽ بيشڪ وٽن اُھي خبرون آيون آھن جن ۾ جھڻڪ آھي.

حِكْمَةٌۢ بَٰلِغَةٌۭ ۖ فَمَا تُغْنِ ٱلنُّذُرُ ﴿٥﴾

پوري ڏاھپ (به) آھي پوءِ عِبرت جون ڳالھيون کين ڪو فائدو نه ٿيون ڏين.

فَتَوَلَّ عَنْهُمْ ۘ يَوْمَ يَدْعُ ٱلدَّاعِ إِلَىٰ شَىْءٍۢ نُّكُرٍ ﴿٦﴾

تنھنڪري کانئن مُنھن موڙ، جنھن ڏينھن سڏيندڙ اَڻ وڻندڙ شيءَ ڏانھن سڏيندو.

خُشَّعًا أَبْصَٰرُهُمْ يَخْرُجُونَ مِنَ ٱلْأَجْدَاثِ كَأَنَّهُمْ جَرَادٌۭ مُّنتَشِرٌۭ ﴿٧﴾

(تنھن ڏينھن) پنھنجن جھڪن اکين سان قبرن مان ائين نڪرندا جو ڄڻڪ اُھي پکڙيل مڪڙ آھن.

مُّهْطِعِينَ إِلَى ٱلدَّاعِ ۖ يَقُولُ ٱلْكَٰفِرُونَ هَٰذَا يَوْمٌ عَسِرٌۭ ﴿٨﴾

(اُن) سڏيندڙ ڏانھن ڊوڙندا ويندا، ڪافر ته ھيُ سخت ڏينھن آھي.

۞ كَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوحٍۢ فَكَذَّبُواْ عَبْدَنَا وَقَالُواْ مَجْنُونٌۭ وَٱزْدُجِرَ ﴿٩﴾

انھن کان اڳ نوح جي قوم ڪوڙ ڀانيو پوءِ اسان جي ٻانھي کي ڪوڙو ڄاتائون ۽ چيائون ته چريو آھي ۽ ساڻس سخت ڳالھايو ويو.

فَدَعَا رَبَّهُۥٓ أَنِّى مَغْلُوبٌۭ فَٱنتَصِرْ ﴿١٠﴾

پوءِ ھن پنھنجي پالڻھار کي عرض ڪيو (۽ چيائين) ته بيشڪ آءٌ ھيڻو آھيان تنھنڪري تون کائن وير وٺ.

فَفَتَحْنَآ أَبْوَٰبَ ٱلسَّمَآءِ بِمَآءٍۢ مُّنْهَمِرٍۢ ﴿١١﴾

پوءِ آسمان جا دروازا گھڻي وھندڙ پاڻيءَ سان کولياسون.

وَفَجَّرْنَا ٱلْأَرْضَ عُيُونًۭا فَٱلْتَقَى ٱلْمَآءُ عَلَىٰٓ أَمْرٍۢ قَدْ قُدِرَ ﴿١٢﴾

۽ زمين مان چشمان جاري ڪياسون پوءِ (چوڌاري) پاڻي گڏ ٿيو جنھن ڪم لاءِ (اُھو) ٺھرايو ويو ھو.

وَحَمَلْنَٰهُ عَلَىٰ ذَاتِ أَلْوَٰحٍۢ وَدُسُرٍۢ ﴿١٣﴾

۽ کيس تختن ۽ ميخن واريءَ (ٻيڙي) تي چاڙھيوسون.

تَجْرِى بِأَعْيُنِنَا جَزَآءًۭ لِّمَن كَانَ كُفِرَ ﴿١٤﴾

جا اسان جي اکين آڏو ٿي ھلي، انھيءَ شخص جي بدلي وٺڻ لاءِ جنھن کي نه مڃيو ھوائون.

وَلَقَد تَّرَكْنَٰهَآ ءَايَةًۭ فَهَلْ مِن مُّدَّكِرٍۢ ﴿١٥﴾

۽ بيشڪ اُنھي (سزا) کي (عبرت لاءِ) ھڪ نشاني ڪري ڇڏيوسون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟

فَكَيْفَ كَانَ عَذَابِى وَنُذُرِ ﴿١٦﴾

پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا ڪھڙي طرح ھوا.

وَلَقَدْ يَسَّرْنَا ٱلْقُرْءَانَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِن مُّدَّكِرٍۢ ﴿١٧﴾

۽ بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اٿون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟

كَذَّبَتْ عَادٌۭ فَكَيْفَ كَانَ عَذَابِى وَنُذُرِ ﴿١٨﴾

عاد (قوم) ڪوڙ ڀانيو پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا ڪھڙيءَ طرح ھوا؟

إِنَّآ أَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيحًۭا صَرْصَرًۭا فِى يَوْمِ نَحْسٍۢ مُّسْتَمِرٍّۢ ﴿١٩﴾

بيشڪ اسان سخت طوفان کي تمام نڀاڳي ڏينھن ۾ مٿن موڪليو.

تَنزِعُ ٱلنَّاسَ كَأَنَّهُمْ أَعْجَازُ نَخْلٍۢ مُّنقَعِرٍۢ ﴿٢٠﴾

جو ماڻھن کي پٽيائين ٿي ڄڻڪ اُھي پاڙون پٽيل کجيءَ جا تڙ آھن.

فَكَيْفَ كَانَ عَذَابِى وَنُذُرِ ﴿٢١﴾

پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا ڪھڙي طرح ھوا؟

وَلَقَدْ يَسَّرْنَا ٱلْقُرْءَانَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِن مُّدَّكِرٍۢ ﴿٢٢﴾

۽ بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اٿون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟

كَذَّبَتْ ثَمُودُ بِٱلنُّذُرِ ﴿٢٣﴾

ثمود جي قوم ڊيڄاريندڙن کي ڪوڙو ڀانيو.

فَقَالُوٓاْ أَبَشَرًۭا مِّنَّا وَٰحِدًۭا نَّتَّبِعُهُۥٓ إِنَّآ إِذًۭا لَّفِى ضَلَٰلٍۢ وَسُعُرٍ ﴿٢٤﴾

پوءِ چيائون ته پنھنجي قوم مان ھڪ اھڙي ماڻھوءَ جي تابعداري ڪريون ڇا؟ (جي ائين ڪريون ته) بيشڪ اسين انھي مھل ضرور گمراھي ۽ چريائي ۾ ھونداسون.

أَءُلْقِىَ ٱلذِّكْرُ عَلَيْهِ مِنۢ بَيْنِنَا بَلْ هُوَ كَذَّابٌ أَشِرٌۭ ﴿٢٥﴾

اسان جي وچان اُنھيءَ تي (ئي) وحيُ نازل ڪيو ويو ڇا؟ بلڪ اُھو وڏو ڪوڙو پاڻ پڏائيندڙ آھي.

سَيَعْلَمُونَ غَدًۭا مَّنِ ٱلْكَذَّابُ ٱلْأَشِرُ ﴿٢٦﴾

سڀاڻي ڄاڻندا ته پاڻ پڏائيندڙ ڏاڍو ڪوڙو ڪير آھي.

إِنَّا مُرْسِلُواْ ٱلنَّاقَةِ فِتْنَةًۭ لَّهُمْ فَٱرْتَقِبْهُمْ وَٱصْطَبِرْ ﴿٢٧﴾

بيشڪ اسين سندن پرک لاءِ (ھڪ) ڏاچي موڪلينداسون پوءِ (اي صالح) انھن جو منتظر رھ ۽ صبر ڪر.

وَنَبِّئْهُمْ أَنَّ ٱلْمَآءَ قِسْمَةٌۢ بَيْنَهُمْ ۖ كُلُّ شِرْبٍۢ مُّحْتَضَرٌۭ ﴿٢٨﴾

۽ کين خبردار ڪر ته سندن وچ ۾ پاڻي وراھيل آھي، ھر ڪو (پنھنجي) واري تي حاضر ٿئي.

فَنَادَوْاْ صَاحِبَهُمْ فَتَعَاطَىٰ فَعَقَرَ ﴿٢٩﴾

پوءِ پنھنجي سنگتيءَ کي سڏيائون پوءِ وڌيڪ ھلت ڪيائين ۽ منڊو ڪيائين.

فَكَيْفَ كَانَ عَذَابِى وَنُذُرِ ﴿٣٠﴾

پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا ڪھڙي طرح ھوا؟

إِنَّآ أَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ صَيْحَةًۭ وَٰحِدَةًۭ فَكَانُواْ كَهَشِيمِ ٱلْمُحْتَظِرِ ﴿٣١﴾

بيشڪ اسان ھڪ ڌڪاءُ مٿن موڪليو پوءِ ڀتي پيھر وانگر (ڍير) ٿي پيا.

وَلَقَدْ يَسَّرْنَا ٱلْقُرْءَانَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِن مُّدَّكِرٍۢ ﴿٣٢﴾

۽ بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اَٿون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟

كَذَّبَتْ قَوْمُ لُوطٍۭ بِٱلنُّذُرِ ﴿٣٣﴾

لُوط جي قوم ڊيڄاريندڙن کي ڪوڙو ڄاتو.

إِنَّآ أَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ حَاصِبًا إِلَّآ ءَالَ لُوطٍۢ ۖ نَّجَّيْنَٰهُم بِسَحَرٍۢ ﴿٣٤﴾

بيشڪ اسان مٿن ڪنڪريٽ وسائيندڙ واءُ کي موڪليو سواءِ لُوط جي گھر وارن جي، جو انھن کي اَسر مھل بچايوسون.

نِّعْمَةًۭ مِّنْ عِندِنَا ۚ كَذَٰلِكَ نَجْزِى مَن شَكَرَ ﴿٣٥﴾

پاڻ وٽان فضل سان، جنھن شڪرانو ڪيو تنھن کي ائين ئي بدلو ڏيندا آھيون.

وَلَقَدْ أَنذَرَهُم بَطْشَتَنَا فَتَمَارَوْاْ بِٱلنُّذُرِ ﴿٣٦﴾

۽ بيشڪ (لُوط) اسان جي پڪڙڻ کان کين ڊيڄاريو ھو پوءِ ھٿون انھن ڊيڄارڻ جي ڪري تڪرار ڪيائون.

وَلَقَدْ رَٰوَدُوهُ عَن ضَيْفِهِۦ فَطَمَسْنَآ أَعْيُنَهُمْ فَذُوقُواْ عَذَابِى وَنُذُرِ ﴿٣٧﴾

۽ بيشڪ لُوط کي سندس مھمانن بَنسبت ڇڪتاڻ ڪيائون پوءِ سندن اکين (جي ديد) کي وڃايوسون (پوءِ چيوسون) ته منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا چکو.

وَلَقَدْ صَبَّحَهُم بُكْرَةً عَذَابٌۭ مُّسْتَقِرٌّۭ ﴿٣٨﴾

۽ بيشڪ ھميشه وارو عذاب انھن تي صُبح جو پھتو.

فَذُوقُواْ عَذَابِى وَنُذُرِ ﴿٣٩﴾

پوءِ (چيو وين) ته منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا چکو.

وَلَقَدْ يَسَّرْنَا ٱلْقُرْءَانَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِن مُّدَّكِرٍۢ ﴿٤٠﴾

۽ بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اَٿون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو.

وَلَقَدْ جَآءَ ءَالَ فِرْعَوْنَ ٱلنُّذُرُ ﴿٤١﴾

۽ بيشڪ فرعون جي قوم ڏانھن ڊيڄاريندڙ آيا.

كَذَّبُواْ بِـَٔايَٰتِنَا كُلِّهَا فَأَخَذْنَٰهُمْ أَخْذَ عَزِيزٍۢ مُّقْتَدِرٍ ﴿٤٢﴾

ھنن اسان جي مڙني نشانين کي ڪوڙو ڄاتو تنھنڪري کين غالب پڪڙڻ واري وانگر پڪڙيوسون.

أَكُفَّارُكُمْ خَيْرٌۭ مِّنْ أُوْلَٰٓئِكُمْ أَمْ لَكُم بَرَآءَةٌۭ فِى ٱلزُّبُرِ ﴿٤٣﴾

(اي قريشؤ) اوھان جا ڪافر انھن ٽولين کان وڌيڪ ڀلا آھن ڇا يا اوھان لاءِ اڳين ڪتابن ۾ ڪا ڇوٽڪي جي چٺي آھي ڇا؟

أَمْ يَقُولُونَ نَحْنُ جَمِيعٌۭ مُّنتَصِرٌۭ ﴿٤٤﴾

چوندا آھن ڇا ته اسين وير وٺڻ واري جماعت آھيون.

سَيُهْزَمُ ٱلْجَمْعُ وَيُوَلُّونَ ٱلدُّبُرَ ﴿٤٥﴾

انھي جماعت کي جلد شڪست ڏبي ۽ پُٺي ڦيرائيندا.

بَلِ ٱلسَّاعَةُ مَوْعِدُهُمْ وَٱلسَّاعَةُ أَدْهَىٰ وَأَمَرُّ ﴿٤٦﴾

بلڪ سندن انجام جي جاءِ قيامت آھي ۽ قيامت ڏاڍي سخت ۽ تمام ڪوڙي آھي.

إِنَّ ٱلْمُجْرِمِينَ فِى ضَلَٰلٍۢ وَسُعُرٍۢ ﴿٤٧﴾

بيشڪ ڏوھاري گمراھي ۽ چريائي ۾ آھن.

يَوْمَ يُسْحَبُونَ فِى ٱلنَّارِ عَلَىٰ وُجُوهِهِمْ ذُوقُواْ مَسَّ سَقَرَ ﴿٤٨﴾

(ياد ڪر) جنھن ڏينھن انھن کي سندن مُنھن ڀر (دوزخ جي) باھ ۾ گھلبو، چئبو ته ھاڻي دوزخ جو مزو چکو.

إِنَّا كُلَّ شَىْءٍ خَلَقْنَٰهُ بِقَدَرٍۢ ﴿٤٩﴾

بيشڪ اسان سڀڪنھن شيء کي ٺھرايل انداز سان بڻايو.

وَمَآ أَمْرُنَآ إِلَّا وَٰحِدَةٌۭ كَلَمْحٍۭ بِٱلْبَصَرِ ﴿٥٠﴾

۽ اسان جو ڪم رڳو اک ڇنڀ ۾ ٿيڻ جھڙو ھڪ سُخن آھي.

وَلَقَدْ أَهْلَكْنَآ أَشْيَاعَكُمْ فَهَلْ مِن مُّدَّكِرٍۢ ﴿٥١﴾

۽ بيشڪ اوھان جھڙيون (ڪيتريون ئي) ٽوليون ھلاڪ ڪيون سون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو.

وَكُلُّ شَىْءٍۢ فَعَلُوهُ فِى ٱلزُّبُرِ ﴿٥٢﴾

۽ جيڪي ڪيو اٿن سو (سڀ سندن) اعمالنامن ۾ (لکيل) آھي.

وَكُلُّ صَغِيرٍۢ وَكَبِيرٍۢ مُّسْتَطَرٌ ﴿٥٣﴾

۽ سڀڪي ننڍو وڏو لکيل آھي.

إِنَّ ٱلْمُتَّقِينَ فِى جَنَّٰتٍۢ وَنَهَرٍۢ ﴿٥٤﴾

بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ نھرين ۾ ھوندا.

فِى مَقْعَدِ صِدْقٍ عِندَ مَلِيكٍۢ مُّقْتَدِرٍۭ ﴿٥٥﴾

اُھي سچي مجلس ۾ سگھ واري بادشاھ وٽ رھندا.

Quran For All V5