About Script
سورة طه

Sindhi

سورة طه - عدد الآيات 135

طه ﴿١﴾

طٰہٰ.

مَآ أَنزَلْنَا عَلَيْكَ ٱلْقُرْءَانَ لِتَشْقَىٰٓ ﴿٢﴾

توتي قرآن ھن لاءِ نه لاٿوسون ته تون اؤکو ٿئين.

إِلَّا تَذْكِرَةًۭ لِّمَن يَخْشَىٰ ﴿٣﴾

پر جيڪو ڊڄي تنھن جي نصيحت ڏيڻ لاءِ (لاٿوسون).

تَنزِيلًۭا مِّمَّنْ خَلَقَ ٱلْأَرْضَ وَٱلسَّمَٰوَٰتِ ٱلْعُلَى ﴿٤﴾

اُنھي (جي طرف) کان لھڻ وارو آھي جنھن زمين ۽ مٿاھن آسمانن کي بڻايو آھي.

ٱلرَّحْمَٰنُ عَلَى ٱلْعَرْشِ ٱسْتَوَىٰ ﴿٥﴾

(اُھو) ٻاجھارو عرش تي قائم آھي.

لَهُۥ مَا فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا وَمَا تَحْتَ ٱلثَّرَىٰ ﴿٦﴾

جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي ۽ جيڪي زمين جي تري ھيٺان آھي سو اُن جو آھي.

وَإِن تَجْهَرْ بِٱلْقَوْلِ فَإِنَّهُۥ يَعْلَمُ ٱلسِّرَّ وَأَخْفَى ﴿٧﴾

۽ جيڪڏھن (تون) ڏاڍيان ڳالھائين ته بيشڪ اُھو ڳُجھ ۽ پڌرو ڄاڻندڙ آھي.

ٱللَّهُ لَآ إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ ۖ لَهُ ٱلْأَسْمَآءُ ٱلْحُسْنَىٰ ﴿٨﴾

الله (اُھو آھي جو) اُن کانسواءِ ٻيو ڪو معبود نه آھي، اُن جا چڱا نالا آھن.

وَهَلْ أَتَىٰكَ حَدِيثُ مُوسَىٰٓ ﴿٩﴾

۽ (اي پيغمبر) توکي مُوسىٰ جي ڳالھ نه پُھتي آھي ڇا؟

إِذْ رَءَا نَارًۭا فَقَالَ لِأَهْلِهِ ٱمْكُثُوٓاْ إِنِّىٓ ءَانَسْتُ نَارًۭا لَّعَلِّىٓ ءَاتِيكُم مِّنْهَا بِقَبَسٍ أَوْ أَجِدُ عَلَى ٱلنَّارِ هُدًۭى ﴿١٠﴾

جڏھن باھ ڏٺائين تڏھن پنھنجي گھر جي ڀاتين کي چيائين ته ترسو جو مون باھ ڏٺي آھي اميد ته منجھانئس ڪو اڱر اوھان وٽ کڻي اچان يا باھ تي ڪو ڏَس ڏيڻ وارو لھان.

فَلَمَّآ أَتَىٰهَا نُودِىَ يَٰمُوسَىٰٓ ﴿١١﴾

پوءِ جنھن مھل باھ وٽ آيو (تنھن مھل) ان کي سڏيو ويو ته اي موسى.

إِنِّىٓ أَنَا۠ رَبُّكَ فَٱخْلَعْ نَعْلَيْكَ ۖ إِنَّكَ بِٱلْوَادِ ٱلْمُقَدَّسِ طُوًۭى ﴿١٢﴾

بيشڪ آءٌ تنھنجو پالڻھار آھيان تنھنڪري پنھنجي جُتي (پري) لاھ، ڇوته تون پاڪ ميدان طُوىٰ ۾ آھين.

وَأَنَا ٱخْتَرْتُكَ فَٱسْتَمِعْ لِمَا يُوحَىٰٓ ﴿١٣﴾

۽ مون توکي پسند ڪيو آھي تنھنڪري جيڪي وحي ڪجي سو ٻُڌ.

إِنَّنِىٓ أَنَا ٱللَّهُ لَآ إِلَٰهَ إِلَّآ أَنَا۠ فَٱعْبُدْنِى وَأَقِمِ ٱلصَّلَوٰةَ لِذِكْرِىٓ ﴿١٤﴾

سچ پچ آءٌ الله آھيان مون کان سواءِ (ٻيو ڪو) معبود نه آھي تنھنڪري منھنجي عبادت ڪر ۽ منھنجي ياد ڪرڻ لاءِ نماز قائم ڪر.

إِنَّ ٱلسَّاعَةَ ءَاتِيَةٌ أَكَادُ أُخْفِيهَا لِتُجْزَىٰ كُلُّ نَفْسٍۭ بِمَا تَسْعَىٰ ﴿١٥﴾

بيشڪ قيامت اچڻي آھي اُن (جي وقت جي اچڻ) کي ھِن ڪري ڳجھو ڪريان ٿو ته سڀڪنھن جيءَ کي سندس ڪوشش جو بدلو ڏجي.

فَلَا يَصُدَّنَّكَ عَنْهَا مَن لَّا يُؤْمِنُ بِهَا وَٱتَّبَعَ هَوَىٰهُ فَتَرْدَىٰ ﴿١٦﴾

جيڪو اُن کي نه مڃيندو آھي ۽ پنھنجن سَڌن جي پٺيان لڳو آھي سو توکي اُن (جي وسھڻ) کان متان ڦيرائي نه ته ھلاڪ ٿيندين.

وَمَا تِلْكَ بِيَمِينِكَ يَٰمُوسَىٰ ﴿١٧﴾

۽ اي مُوسىٰ اِھا تنھنجي سڄي ھٿ ۾ ڇا آھي؟

قَالَ هِىَ عَصَاىَ أَتَوَكَّؤُاْ عَلَيْهَا وَأَهُشُّ بِهَا عَلَىٰ غَنَمِى وَلِىَ فِيهَا مَـَٔارِبُ أُخْرَىٰ ﴿١٨﴾

چيائين ته ھيءَ منھنجي لٺ آھي، مٿس ٽيڪ ڏيندو آھيان ۽ اُن سان پنھنجين ٻڪرين تي (وڻ جا) پن ڇاڻيندو آھيان ۽ منجھس مون لاءِ ٻيا (به) فائدا آھن.

قَالَ أَلْقِهَا يَٰمُوسَىٰ ﴿١٩﴾

(الله) فرمايو ته اي مُوسىٰ اُھا اُڇلي ڇڏ.

فَأَلْقَىٰهَا فَإِذَا هِىَ حَيَّةٌۭ تَسْعَىٰ ﴿٢٠﴾

پوءِ اُھا اُڇليائين ته اُھا انھي مھل ڊوڙندڙ واسينگ نانگ ٿي پئي.

قَالَ خُذْهَا وَلَا تَخَفْ ۖ سَنُعِيدُهَا سِيرَتَهَا ٱلْأُولَىٰ ﴿٢١﴾

(الله) فرمايو ته اُنھيءَ کي وٺ ۽ نه ڊڄ، اُنھيءَ کي سندس پھرين شڪل ۾ موٽائينداسون.

وَٱضْمُمْ يَدَكَ إِلَىٰ جَنَاحِكَ تَخْرُجْ بَيْضَآءَ مِنْ غَيْرِ سُوٓءٍ ءَايَةً أُخْرَىٰ ﴿٢٢﴾

۽ پنھنجو ھٿ پنھنجي بغل تي رک ته بي عيبو اڇو ٿي نڪري اِھا ٻي نشاني (ھن لاءِ) آھي.

لِنُرِيَكَ مِنْ ءَايَٰتِنَا ٱلْكُبْرَى ﴿٢٣﴾

ته توکي پنھنجين وڏين نشانين مان ڏيکاريون.

ٱذْهَبْ إِلَىٰ فِرْعَوْنَ إِنَّهُۥ طَغَىٰ ﴿٢٤﴾

فرعون ڏانھن وڃ جو اُھو بيشڪ نافرمان ٿيو آھي.

قَالَ رَبِّ ٱشْرَحْ لِى صَدْرِى ﴿٢٥﴾

(مُوسى) چيو ته اي منھنجا پالڻھار مون لاءِ منھنجو سينو کول.

وَيَسِّرْ لِىٓ أَمْرِى ﴿٢٦﴾

۽ منھنجو ڪم مون لاءِ سولو ڪر.

وَٱحْلُلْ عُقْدَةًۭ مِّن لِّسَانِى ﴿٢٧﴾

۽ منھنجي زبان جي ھٻڪ لاھ.

يَفْقَهُواْ قَوْلِى ﴿٢٨﴾

ته (اُھي) مُنھنجي ڳالھ سمجھن.

وَٱجْعَل لِّى وَزِيرًۭا مِّنْ أَهْلِى ﴿٢٩﴾

۽ منھنجي گھر وارن منجھان مون لاءِ ڪو وزير مُقرّر ڪر.

هَٰرُونَ أَخِى ﴿٣٠﴾

(يعني) منھنجي ڀاءُ ھارون کي.

ٱشْدُدْ بِهِۦٓ أَزْرِى ﴿٣١﴾

اُن سان منھنجي سگھ مُحڪم ڪر.

وَأَشْرِكْهُ فِىٓ أَمْرِى ﴿٣٢﴾

۽ منھنجي ڪم ۾ اُن کي ڀائيوار ڪر.

كَىْ نُسَبِّحَكَ كَثِيرًۭا ﴿٣٣﴾

ته تنھنجي گھڻي پاڪائي بيان ڪريون.

وَنَذْكُرَكَ كَثِيرًا ﴿٣٤﴾

۽ توکي گھڻو ياد ڪريون.

إِنَّكَ كُنتَ بِنَا بَصِيرًۭا ﴿٣٥﴾

بيشڪ تون اسان جو حال ڏسندڙ آھين.

قَالَ قَدْ أُوتِيتَ سُؤْلَكَ يَٰمُوسَىٰ ﴿٣٦﴾

(الله) چيو ته اي موسىٰ بيشڪ (تولاءِ) تنھنجو سوال قبول ڪيو ويو.

وَلَقَدْ مَنَنَّا عَلَيْكَ مَرَّةً أُخْرَىٰٓ ﴿٣٧﴾

۽ بيشڪ توتي ھڪ ڀيرو (ٻيو به) احسان ڪيوسون.

إِذْ أَوْحَيْنَآ إِلَىٰٓ أُمِّكَ مَا يُوحَىٰٓ ﴿٣٨﴾

جڏھن تنھنجي ماءُ ڏانھن اُھو الھام ڪيوسون جيڪو الھام ڪرڻو ھو.

أَنِ ٱقْذِفِيهِ فِى ٱلتَّابُوتِ فَٱقْذِفِيهِ فِى ٱلْيَمِّ فَلْيُلْقِهِ ٱلْيَمُّ بِٱلسَّاحِلِ يَأْخُذْهُ عَدُوٌّۭ لِّى وَعَدُوٌّۭ لَّهُۥ ۚ وَأَلْقَيْتُ عَلَيْكَ مَحَبَّةًۭ مِّنِّى وَلِتُصْنَعَ عَلَىٰ عَيْنِىٓ ﴿٣٩﴾

ته اُن نينگر کي صندوق ۾ وِجھ پوءِ اُن کي درياءَ ۾ اُڇل ته درياءُ کيس ڀر ڏانھن اُڇليندو (۽) منھنجو ويري ۽ سندس ويري کيس وٺندو، ۽ پاڻ وٽان توتي پيار وڌم، ۽ (گھريم) ته منھنجي اکين اڳيان پلجن.

إِذْ تَمْشِىٓ أُخْتُكَ فَتَقُولُ هَلْ أَدُلُّكُمْ عَلَىٰ مَن يَكْفُلُهُۥ ۖ فَرَجَعْنَٰكَ إِلَىٰٓ أُمِّكَ كَىْ تَقَرَّ عَيْنُهَا وَلَا تَحْزَنَ ۚ وَقَتَلْتَ نَفْسًۭا فَنَجَّيْنَٰكَ مِنَ ٱلْغَمِّ وَفَتَنَّٰكَ فُتُونًۭا ۚ فَلَبِثْتَ سِنِينَ فِىٓ أَهْلِ مَدْيَنَ ثُمَّ جِئْتَ عَلَىٰ قَدَرٍۢ يَٰمُوسَىٰ ﴿٤٠﴾

جڏھن تنھنجي ڀيڻ گھمي ٿي تڏھن چيائين ٿي جيڪو ان کي سنڀالي تنھنجو اوھان کي ڏس ڏيان، پوءِ توکي تنھنجي ماءُ ڏانھن موٽايوسون ته اُن جا نيڻ ٺرن ۽ غمگين نه رھي، ۽ ھڪڙو ماڻھو ماريئي پوءِ توکي ڏک کان ڇڏايوسين ۽ توکي پرکڻ طرح پرکيوسون، پوءِ مدين وارن ۾ ڪيترائي ورھ رھين، وري اي موسىٰ تون تقدير (الٰھي) موافق آئين.

وَٱصْطَنَعْتُكَ لِنَفْسِى ﴿٤١﴾

۽ (اي موسى) توکي خلاصو پاڻ لاءِ بڻايم.

ٱذْهَبْ أَنتَ وَأَخُوكَ بِـَٔايَٰتِى وَلَا تَنِيَا فِى ذِكْرِى ﴿٤٢﴾

تون ۽ تنھنجو ڀاءُ منھنجين نشانين سميت (فرعون ڏانھن) وڃو ۽ منھنجي ياد ڪرڻ ۾ ڍرائي نه ڪجو.

ٱذْهَبَآ إِلَىٰ فِرْعَوْنَ إِنَّهُۥ طَغَىٰ ﴿٤٣﴾

فرعون ڏانھن وڃو جو اُھو نافرمان ٿيو آھي.

فَقُولَا لَهُۥ قَوْلًۭا لَّيِّنًۭا لَّعَلَّهُۥ يَتَذَكَّرُ أَوْ يَخْشَىٰ ﴿٤٤﴾

پوءِ اُن سان نرميءَ سان ڳالھائجو ته مانَ اُھو سوچ ڪري يا ڊڄي.

قَالَا رَبَّنَآ إِنَّنَا نَخَافُ أَن يَفْرُطَ عَلَيْنَآ أَوْ أَن يَطْغَىٰ ﴿٤٥﴾

چيائون ته اي اسان جا پالڻھار اسين ڊڄون ٿا ته متان اسان تي ڏاڍ ڪري يا زيادتي ڪري.

قَالَ لَا تَخَافَآ ۖ إِنَّنِى مَعَكُمَآ أَسْمَعُ وَأَرَىٰ ﴿٤٦﴾

(الله) چيو ته نه ڊڄو بيشڪ آءٌ اوھان سان گڏ آھيان ٻڌان ٿو ۽ ڏسان ٿو.

فَأْتِيَاهُ فَقُولَآ إِنَّا رَسُولَا رَبِّكَ فَأَرْسِلْ مَعَنَا بَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ وَلَا تُعَذِّبْهُمْ ۖ قَدْ جِئْنَٰكَ بِـَٔايَةٍۢ مِّن رَّبِّكَ ۖ وَٱلسَّلَٰمُ عَلَىٰ مَنِ ٱتَّبَعَ ٱلْهُدَىٰٓ ﴿٤٧﴾

پوءِ وٽس وڃو ۽ چئو ته اسين پنھنجي پالڻھار جا موڪليل آھيون پوءِ بني اسرائيلن کي اسان سان (ھلڻ) جي موڪل ڏي، ۽ کين نه ڏکوءِ بيشڪ تو وٽ تنھنجي پالڻھار (جي طرف) کان نشانيءَ سان آيا آھيون، ۽ جيڪو سڌي رستي تي ھلي تنھن تي سلامتي آھي.

إِنَّا قَدْ أُوحِىَ إِلَيْنَآ أَنَّ ٱلْعَذَابَ عَلَىٰ مَن كَذَّبَ وَتَوَلَّىٰ ﴿٤٨﴾

بيشڪ اسان ڏانھن وحي موڪليو ويو آھي ته جيڪو الله جي حُڪمن کي ڪُوڙ ڀانئي ۽ منھن موڙي تنھن تي عذاب (مقرر ٿيل) آھي.

قَالَ فَمَن رَّبُّكُمَا يَٰمُوسَىٰ ﴿٤٩﴾

(فرعون) چيو ته پوءِ اي مُوسىٰ اوھان جو پالڻھار ڪير آھي؟

قَالَ رَبُّنَا ٱلَّذِىٓ أَعْطَىٰ كُلَّ شَىْءٍ خَلْقَهُۥ ثُمَّ هَدَىٰ ﴿٥٠﴾

(موسى) چيو ته اسان جو پالڻھاراُھو آھي جنھن ھر شيء کي (پاڻو داڻي) رُؤاني بخشي وري ھدايت ڪيائين.

قَالَ فَمَا بَالُ ٱلْقُرُونِ ٱلْأُولَىٰ ﴿٥١﴾

(فرعون) چيو ته پھرين ٽولين جو ڪھڙو حال آھي؟

قَالَ عِلْمُهَا عِندَ رَبِّى فِى كِتَٰبٍۢ ۖ لَّا يَضِلُّ رَبِّى وَلَا يَنسَى ﴿٥٢﴾

(موسى) چيو ته اُن جي خبر منھنجي پالڻھار وٽ ڪتاب ۾ آھي، منھنجو پالڻھار نڪي ڀُلندو آھي ۽ نڪي وساريندو آھي.

ٱلَّذِى جَعَلَ لَكُمُ ٱلْأَرْضَ مَهْدًۭا وَسَلَكَ لَكُمْ فِيهَا سُبُلًۭا وَأَنزَلَ مِنَ ٱلسَّمَآءِ مَآءًۭ فَأَخْرَجْنَا بِهِۦٓ أَزْوَٰجًۭا مِّن نَّبَاتٍۢ شَتَّىٰ ﴿٥٣﴾

جنھن اوھان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو ۽ توھان لاءِ منجھس رستا جاري ڪيا ۽ آسمان کان پاڻي وَسايو، ۽ پوءِ اُن سان ھر جنس جا اوڀڙ پاڻون داڻا ڄماياسون.

كُلُواْ وَٱرْعَوْاْ أَنْعَٰمَكُمْ ۗ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَءَايَٰتٍۢ لِّأُوْلِى ٱلنُّهَىٰ ﴿٥٤﴾

(چيوسون ته) کائو ۽ پنھنجن ڍورن کي چاريو، بيشڪ اُن ۾ سمجھ وارن لاءِ نشانيون آھن.

۞ مِنْهَا خَلَقْنَٰكُمْ وَفِيهَا نُعِيدُكُمْ وَمِنْهَا نُخْرِجُكُمْ تَارَةً أُخْرَىٰ ﴿٥٥﴾

منجھانئس اوھان کي بڻايوسون ۽ منجھس اوھان کي ورائينداسون ۽ منجھانئس ٻيو ڀيرو اوھان کي ڪڍنداسون.

وَلَقَدْ أَرَيْنَٰهُ ءَايَٰتِنَا كُلَّهَا فَكَذَّبَ وَأَبَىٰ ﴿٥٦﴾

۽ بيشڪ اُن (فرعون) کي سڀئي نشانيون ڏيکاريوسون پوءِ ڪوڙ ڀانيائين ۽ انڪار ڪيائين.

قَالَ أَجِئْتَنَا لِتُخْرِجَنَا مِنْ أَرْضِنَا بِسِحْرِكَ يَٰمُوسَىٰ ﴿٥٧﴾

(فرعون) چيو ته اي موسىٰ اسان وٽ ھِن لاءِ آيو آھين ڇا ته پنھنجي جادوءَ سان اسان جي مُلڪن مان اسان کي لوڌين؟

فَلَنَأْتِيَنَّكَ بِسِحْرٍۢ مِّثْلِهِۦ فَٱجْعَلْ بَيْنَنَا وَبَيْنَكَ مَوْعِدًۭا لَّا نُخْلِفُهُۥ نَحْنُ وَلَآ أَنتَ مَكَانًۭا سُوًۭى ﴿٥٨﴾

پوءِ اسان به اھڙائي جادو تو وٽ ضرور آڻينداسون (جھڙا تون اسان کي ڏيکارين ٿو) تنھنڪري اسانجي ۽ پنھنجي وچ ۾ اھڙو انجام (جو وقت) مقرر ڪر ۽ نڪي اسين ابتڙ ٿيون ۽ (اُھو) ھڪ صاف پڌر ۾ ھُجي.

قَالَ مَوْعِدُكُمْ يَوْمُ ٱلزِّينَةِ وَأَن يُحْشَرَ ٱلنَّاسُ ضُحًۭى ﴿٥٩﴾

چيائين ته اوھان جي انجام جو وقت جشن جو ڏينھن آھي ۽ ماڻھو ڏينھن چڙھي گڏ ٿين.

فَتَوَلَّىٰ فِرْعَوْنُ فَجَمَعَ كَيْدَهُۥ ثُمَّ أَتَىٰ ﴿٦٠﴾

پوءِ فرعون (گھر ڏانھن) موٽيو ۽ پنھنجا ڦند گڏ ڪيائين وري آيو.

قَالَ لَهُم مُّوسَىٰ وَيْلَكُمْ لَا تَفْتَرُواْ عَلَى ٱللَّهِ كَذِبًۭا فَيُسْحِتَكُم بِعَذَابٍۢ ۖ وَقَدْ خَابَ مَنِ ٱفْتَرَىٰ ﴿٦١﴾

مُوسىٰ جادوگرن کي چيو ته اوھان تي خرابي ھجي الله تي ڪوڙو ٺاھ نه ٺاھيو نه ته اوھان کي ڪنھن آفت سان کپائيندو، ۽ جنھن ٺاھ ٺاھيو سو بيشڪ مراد کي نه پھتو.

فَتَنَٰزَعُوٓاْ أَمْرَهُم بَيْنَهُمْ وَأَسَرُّواْ ٱلنَّجْوَىٰ ﴿٦٢﴾

پوءِ پنھنجي ڪم ۾ پاڻ ۾ گفتگو ڪيائون ۽ ڳجھيون صلاحون ڪيائون.

قَالُوٓاْ إِنْ هَٰذَٰنِ لَسَٰحِرَٰنِ يُرِيدَانِ أَن يُخْرِجَاكُم مِّنْ أَرْضِكُم بِسِحْرِهِمَا وَيَذْهَبَا بِطَرِيقَتِكُمُ ٱلْمُثْلَىٰ ﴿٦٣﴾

چيائون ته ھي ٻئي ضرور جادوگر آھن پنھنجي جادوءَ سان اوھان کي اوھان جي مُلڪ مان لوڌڻ ۽ اوھان جي بلڪل چڱي مذھب کي وڃائڻ گھرندا آھن.

فَأَجْمِعُواْ كَيْدَكُمْ ثُمَّ ٱئْتُواْ صَفًّۭا ۚ وَقَدْ أَفْلَحَ ٱلْيَوْمَ مَنِ ٱسْتَعْلَىٰ ﴿٦٤﴾

تنھنڪري پنھنجا جادوءَ (جا سامان) گڏ ڪريو وري صفون ٻڌي اچو، ۽ جيڪو اڄ ڏاڍو ٿيو سو بيشڪ ڇٽو.

قَالُواْ يَٰمُوسَىٰٓ إِمَّآ أَن تُلْقِىَ وَإِمَّآ أَن نَّكُونَ أَوَّلَ مَنْ أَلْقَىٰ ﴿٦٥﴾

چيائون ته اي مُوسىٰ (تون) اُڇليندين يا پھرين اسين (پنھنجو جادو) اُڇليون.

قَالَ بَلْ أَلْقُواْ ۖ فَإِذَا حِبَالُهُمْ وَعِصِيُّهُمْ يُخَيَّلُ إِلَيْهِ مِن سِحْرِهِمْ أَنَّهَا تَسْعَىٰ ﴿٦٦﴾

(مُوسى) چيو ته ڀلي (اوھين) اُڇليو، پوءِ اوچتوئي سندن رسا ۽ سندن لٺيون جادوءَ کان موسىٰ جي خيال ۾ آيو ته ڄڻڪ اھي ڊوڙن ٿيون.

فَأَوْجَسَ فِى نَفْسِهِۦ خِيفَةًۭ مُّوسَىٰ ﴿٦٧﴾

پوءِ مُوسىٰ پنھنجي دل ۾ ڊپ ڀانيو.

قُلْنَا لَا تَخَفْ إِنَّكَ أَنتَ ٱلْأَعْلَىٰ ﴿٦٨﴾

چيوسون ته نه ڊڄ ڇوته تون ئي غالب آھين.

وَأَلْقِ مَا فِى يَمِينِكَ تَلْقَفْ مَا صَنَعُوٓاْ ۖ إِنَّمَا صَنَعُواْ كَيْدُ سَٰحِرٍۢ ۖ وَلَا يُفْلِحُ ٱلسَّاحِرُ حَيْثُ أَتَىٰ ﴿٦٩﴾

۽ جيڪي تنھنجي سڄي ھٿ ۾ آھي سو اُڇل ته جيڪي بڻايائون سو ڳِھي وڃي، جيڪي بڻايائون سو جادوگر جي فريب کانسواءِ نه آھي، ۽ جادوگر جِتي ويندو اُتي نه ڇٽندو.

فَأُلْقِىَ ٱلسَّحَرَةُ سُجَّدًۭا قَالُوٓاْ ءَامَنَّا بِرَبِّ هَٰرُونَ وَمُوسَىٰ ﴿٧٠﴾

پوءِ سڀ جادوگر سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پيا چيائون ته مُوسىٰ ۽ ھارون جي پالڻھار تي آيمان آندوسون.

قَالَ ءَامَنتُمْ لَهُۥ قَبْلَ أَنْ ءَاذَنَ لَكُمْ ۖ إِنَّهُۥ لَكَبِيرُكُمُ ٱلَّذِى عَلَّمَكُمُ ٱلسِّحْرَ ۖ فَلَأُقَطِّعَنَّ أَيْدِيَكُمْ وَأَرْجُلَكُم مِّنْ خِلَٰفٍۢ وَلَأُصَلِّبَنَّكُمْ فِى جُذُوعِ ٱلنَّخْلِ وَلَتَعْلَمُنَّ أَيُّنَآ أَشَدُّ عَذَابًۭا وَأَبْقَىٰ ﴿٧١﴾

(فرعون) چيو ته اوھان منھنجي موڪل ڏيڻ کان اڳ اُن تي ڇو ايمان آندو، بيشڪ اُھو اوھان جو ضرور وَڏو (يعني استاد) آھي جنھن اوھان کي جادو سيکاريو آھي، تنھنڪري اوھان جا ھٿ ۽ اوھان جا پير اُبتا سُبتا ضرور وڍيندس ۽ اوھان کي کجين جي ٿُڙن ۾ ضرور سُوريءَ چاڙھيندس، ۽ ضرور ڄاڻندؤ ته اسان مان ڪنھنجو عذاب بلڪل سخت ۽ بلڪل ھميشه رھڻ وارو آھي.

قَالُواْ لَن نُّؤْثِرَكَ عَلَىٰ مَا جَآءَنَا مِنَ ٱلْبَيِّنَٰتِ وَٱلَّذِى فَطَرَنَا ۖ فَٱقْضِ مَآ أَنتَ قَاضٍ ۖ إِنَّمَا تَقْضِى هَٰذِهِ ٱلْحَيَوٰةَ ٱلدُّنْيَآ ﴿٧٢﴾

چيائون ته چِٽن دليلن مان جيڪي اسان وٽ آيا تن تي ۽ جنھن اسان کي پيدا ڪيو تنھن تي توکي ڪڏھن زيادتي نه ڏينداسون تنھنڪري جيڪي تون ڪرڻ وارو آھين سو ڪر، (تون) رڳو دُنيا جي حياتيءَ ۾ ڪندين.

إِنَّآ ءَامَنَّا بِرَبِّنَا لِيَغْفِرَ لَنَا خَطَٰيَٰنَا وَمَآ أَكْرَهْتَنَا عَلَيْهِ مِنَ ٱلسِّحْرِ ۗ وَٱللَّهُ خَيْرٌۭ وَأَبْقَىٰٓ ﴿٧٣﴾

بيشڪ اسان پنھنجي پالڻھار تي ھن لاءِ ايمان آندو آھي ته اسان جون خطائون ۽ جنھن جادو ڪرڻ تي تو اسان کي زور ڪيو سو اسان کي بخشي، ۽ الله ڀلو ۽ سدائين رھڻ وارو آھي.

إِنَّهُۥ مَن يَأْتِ رَبَّهُۥ مُجْرِمًۭا فَإِنَّ لَهُۥ جَهَنَّمَ لَا يَمُوتُ فِيهَا وَلَا يَحْيَىٰ ﴿٧٤﴾

سچ آھي ته جيڪو منھنجي پالڻھار وٽ ڏوھاري ٿي ايندو تنھن لاءِ بيشڪ دوزخ آھي، اُھو منجھس نڪي مرندو ۽ نڪي جيئندو.

وَمَن يَأْتِهِۦ مُؤْمِنًۭا قَدْ عَمِلَ ٱلصَّٰلِحَٰتِ فَأُوْلَٰٓئِكَ لَهُمُ ٱلدَّرَجَٰتُ ٱلْعُلَىٰ ﴿٧٥﴾

۽ جيڪي مؤمن ٿي وٽس چڱا ڪم ڪري ايندا سي اُھي آھن جن لاءِ وڏا مرتبا آھن.

جَنَّٰتُ عَدْنٍۢ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَٰرُ خَٰلِدِينَ فِيهَا ۚ وَذَٰلِكَ جَزَآءُ مَن تَزَكَّىٰ ﴿٧٦﴾

سدائين رھڻ جا باغ جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ جيڪو پاڪ ٿيو تنھنجو اِھو بدلو آھي.

وَلَقَدْ أَوْحَيْنَآ إِلَىٰ مُوسَىٰٓ أَنْ أَسْرِ بِعِبَادِى فَٱضْرِبْ لَهُمْ طَرِيقًۭا فِى ٱلْبَحْرِ يَبَسًۭا لَّا تَخَٰفُ دَرَكًۭا وَلَا تَخْشَىٰ ﴿٧٧﴾

۽ بيشڪ موسىٰ ڏانھن وحي ڪيوسون ته راتو واھ منھنجي ٻانھن سميت نڪر پوءِ سمنڊ ۾ انھن لاءِ سُڪي واٽ بڻاءِ (ويرين کان) پڪڙجڻ جي ڀَو نه ڪر ۽ نڪي (ٻُڏڻ کان) ڊڄ.

فَأَتْبَعَهُمْ فِرْعَوْنُ بِجُنُودِهِۦ فَغَشِيَهُم مِّنَ ٱلْيَمِّ مَا غَشِيَهُمْ ﴿٧٨﴾

پوءِ فرعون پنھنجي لشڪر سميت سندن پوئتان پيو پوءِ سمنڊ مان (پاڻيءَ جو اُھو ڪُنَّ) کين وري ويو جيڪو کين ورڻو ھو.

وَأَضَلَّ فِرْعَوْنُ قَوْمَهُۥ وَمَا هَدَىٰ ﴿٧٩﴾

۽ فرعون پنھنجي قوم کي گمراھ ڪيو ۽ سڌي رستي نه لاتو.

يَٰبَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ قَدْ أَنجَيْنَٰكُم مِّنْ عَدُوِّكُمْ وَوَٰعَدْنَٰكُمْ جَانِبَ ٱلطُّورِ ٱلْأَيْمَنَ وَنَزَّلْنَا عَلَيْكُمُ ٱلْمَنَّ وَٱلسَّلْوَىٰ ﴿٨٠﴾

اي بني اسرائيلؤ بيشڪ اوھان کي اوھان جي ويريءَ کان بچايوسون ۽ طور (جبل) جي سڄي پاسي کان اوھان کي (توريت ڏئڻ جو) انجام ڪيوسون ۽ مَنّ ۽ سَلوىٰ اوھان تي لاٿاسون.

كُلُواْ مِن طَيِّبَٰتِ مَا رَزَقْنَٰكُمْ وَلَا تَطْغَوْاْ فِيهِ فَيَحِلَّ عَلَيْكُمْ غَضَبِى ۖ وَمَن يَحْلِلْ عَلَيْهِ غَضَبِى فَقَدْ هَوَىٰ ﴿٨١﴾

(۽ چيوسون ته) سٺين (شين) مان جيڪا اوھان جي روزي ڪئي سون سا کائو ۽ منجھس نافرماني نه ڪريو نه ته اوھان تي منھنجو ڏمر نازل ٿيندو، ۽ جنھن تي منھنجو ڏمر نازل ٿيو سو بيشڪ اُجڙيو.

وَإِنِّى لَغَفَّارٌۭ لِّمَن تَابَ وَءَامَنَ وَعَمِلَ صَٰلِحًۭا ثُمَّ ٱهْتَدَىٰ ﴿٨٢﴾

۽ جنھن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا وري سڌو رستو لڌائين تنھن کي بيشڪ آءٌ بخشيندڙ آھيان.

۞ وَمَآ أَعْجَلَكَ عَن قَوْمِكَ يَٰمُوسَىٰ ﴿٨٣﴾

۽ اي موسىٰ ڪنھن توکي پنھنجي قوم کان (اڳ اچڻ جي) تڪڙ ڪرائي؟

قَالَ هُمْ أُوْلَآءِ عَلَىٰٓ أَثَرِى وَعَجِلْتُ إِلَيْكَ رَبِّ لِتَرْضَىٰ ﴿٨٤﴾

چيائين ته اُھي منھنجي پوئتان آھن ۽ اي منھنجا پالڻھار توڏانھن ھن لاءِ تڪڙ ڪيم ته راضي ٿئين.

قَالَ فَإِنَّا قَدْ فَتَنَّا قَوْمَكَ مِنۢ بَعْدِكَ وَأَضَلَّهُمُ ٱلسَّامِرِىُّ ﴿٨٥﴾

(الله) چيو ته اسان تنھنجي پويان تنھنجي قوم کي پرکيو ۽ کين سامريءَ گمراھ ڪيو.

فَرَجَعَ مُوسَىٰٓ إِلَىٰ قَوْمِهِۦ غَضْبَٰنَ أَسِفًۭا ۚ قَالَ يَٰقَوْمِ أَلَمْ يَعِدْكُمْ رَبُّكُمْ وَعْدًا حَسَنًا ۚ أَفَطَالَ عَلَيْكُمُ ٱلْعَهْدُ أَمْ أَرَدتُّمْ أَن يَحِلَّ عَلَيْكُمْ غَضَبٌۭ مِّن رَّبِّكُمْ فَأَخْلَفْتُم مَّوْعِدِى ﴿٨٦﴾

پوءِ مُوسىٰ پنھنجي قوم ڏانھن ڪاوڙجي ارمان ۾ موٽيو، چيائين ته اي منھنجي قوم اوھان جي پالڻھار اوھان کي چڱو انجام نه ڏنو ھو ڇا؟ پوءِ اوھان تي مُدو ڊگھو ٿي پيو ڇا يا پنھنجي پالڻھار جو ڏمر پاڻ تي نازل ٿيڻ گھريوَ؟ تنھنڪري منھنجي انجام جي ابتڙائي ڪيوَ.

قَالُواْ مَآ أَخْلَفْنَا مَوْعِدَكَ بِمَلْكِنَا وَلَٰكِنَّا حُمِّلْنَآ أَوْزَارًۭا مِّن زِينَةِ ٱلْقَوْمِ فَقَذَفْنَٰهَا فَكَذَٰلِكَ أَلْقَى ٱلسَّامِرِىُّ ﴿٨٧﴾

چيائون ته پنھنجي وس کان تنھنجي انجام جي برخلافي نه ڪئي سون پر (فرعون جي) قوم جي زيورن مان بار کڻايا وياسون پوءِ اُھي (باھ ۾) وڌاسون پوءِ اھڙي طرح سامري وڌا.

فَأَخْرَجَ لَهُمْ عِجْلًۭا جَسَدًۭا لَّهُۥ خُوَارٌۭ فَقَالُواْ هَٰذَآ إِلَٰهُكُمْ وَإِلَٰهُ مُوسَىٰ فَنَسِىَ ﴿٨٨﴾

پوءِ انھن لاءِ گابي جو بوتو ڪڍيائين جنھن کي رنڀ ھئي پوءِ چيائون ته ھيءُ اوھان جو معبود ۽ موسىٰ جو معبود آھي، ۽ (مُوسى) ڀلجي ويو.

أَفَلَا يَرَوْنَ أَلَّا يَرْجِعُ إِلَيْهِمْ قَوْلًۭا وَلَا يَمْلِكُ لَهُمْ ضَرًّۭا وَلَا نَفْعًۭا ﴿٨٩﴾

نه ٿي ڏٺائون ڇا ته (اُھو) اُنھن کي ورندي ورائي نٿو ڏئي، ۽ کين نڪي ڏُک ۽ نڪي سُک ڏئي سگھي ٿو؟

وَلَقَدْ قَالَ لَهُمْ هَٰرُونُ مِن قَبْلُ يَٰقَوْمِ إِنَّمَا فُتِنتُم بِهِۦ ۖ وَإِنَّ رَبَّكُمُ ٱلرَّحْمَٰنُ فَٱتَّبِعُونِى وَأَطِيعُوٓاْ أَمْرِى ﴿٩٠﴾

۽ بيشڪ ھارُون پھريون ئي کين چيو ھو ته اي منھنجي قوم اوھين اُن (گابي) سان پرکيا ويا آھيو، بيشڪ اوھان جو پالڻھار ٻاجھارو (الله) آھي تنھنڪري منھنجي تابعداري ڪريو ۽ منھنجو حُڪم مڃيو.

قَالُواْ لَن نَّبْرَحَ عَلَيْهِ عَٰكِفِينَ حَتَّىٰ يَرْجِعَ إِلَيْنَا مُوسَىٰ ﴿٩١﴾

چيائون ته (اسين ايسين) مٿس مجاور رھنداسون جيسين مُوسىٰ اسان ڏانھن موٽي.

قَالَ يَٰهَٰرُونُ مَا مَنَعَكَ إِذْ رَأَيْتَهُمْ ضَلُّوٓاْ ﴿٩٢﴾

(مُوسىٰ اچي) چيو ته اي ھارون توکي ڪنھن جھليو جڏھن کين گمراھ ٿيندو ڏٺئي.

أَلَّا تَتَّبِعَنِ ۖ أَفَعَصَيْتَ أَمْرِى ﴿٩٣﴾

ته منھنجي پٺيان نه لڳين، منھنجي حُڪم جي نافرماني ڪيئي ڇا؟

قَالَ يَبْنَؤُمَّ لَا تَأْخُذْ بِلِحْيَتِى وَلَا بِرَأْسِىٓ ۖ إِنِّى خَشِيتُ أَن تَقُولَ فَرَّقْتَ بَيْنَ بَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ وَلَمْ تَرْقُبْ قَوْلِى ﴿٩٤﴾

(ھارون) چيو ته اي ادا نڪي مون کي ڏاڙھيءَ کان وٺ ۽ نڪي منھنجي مٿي کان، آءٌ (ھن ڳالھ کان) ڊنس ته متان چوين ته يعقوب جي اولاد جي وچ ۾ جدائي وڌءِ ۽ منھنجي چوڻ جو انتظار نه ڪيئي.

قَالَ فَمَا خَطْبُكَ يَٰسَٰمِرِىُّ ﴿٩٥﴾

(موسى) چيو ته اي سامري تنھنجو ڇا حال آھي.

قَالَ بَصُرْتُ بِمَا لَمْ يَبْصُرُواْ بِهِۦ فَقَبَضْتُ قَبْضَةًۭ مِّنْ أَثَرِ ٱلرَّسُولِ فَنَبَذْتُهَا وَكَذَٰلِكَ سَوَّلَتْ لِى نَفْسِى ﴿٩٦﴾

چيائين ته اُھا (شيء) ڏٺم جا (ماڻھن) نه ڏٺي پوءِ اُن موڪيل جي پيرن جي (مٽيءَ جي) ھڪ مُٺ ڀريم پوءِ اُھا (گابي جي بوتي ۾) وڌم ۽ اھڙي طرح مُنھنجي نفس (اُھو) مون لاءِ سينگاريو.

قَالَ فَٱذْهَبْ فَإِنَّ لَكَ فِى ٱلْحَيَوٰةِ أَن تَقُولَ لَا مِسَاسَ ۖ وَإِنَّ لَكَ مَوْعِدًۭا لَّن تُخْلَفَهُۥ ۖ وَٱنظُرْ إِلَىٰٓ إِلَٰهِكَ ٱلَّذِى ظَلْتَ عَلَيْهِ عَاكِفًۭا ۖ لَّنُحَرِّقَنَّهُۥ ثُمَّ لَنَنسِفَنَّهُۥ فِى ٱلْيَمِّ نَسْفًا ﴿٩٧﴾

(موسى) چيو ته وڃ بيشڪ توکي حياتيءَ ۾ (ھيءَ سزا) آھي ته چوندو رھندين ته نه ڇُھو، ۽ تولاءِ بيشڪ (ٻيو به) انجام آھي جنھن جي توسان ابتڙائي نه ڪبي، ۽ پنھنجي معبود ڏانھن نھار جنھن تي تون مجاور ٿي ويٺو ھُئين، ته اُن کي ساڙينداسون وري اُن (جي ڪيريءَ) کي درياءَ ۾ کنڊائڻ وانگر کنڊائينداسين.

إِنَّمَآ إِلَٰهُكُمُ ٱللَّهُ ٱلَّذِى لَآ إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ ۚ وَسِعَ كُلَّ شَىْءٍ عِلْمًۭا ﴿٩٨﴾

اوھان جو معبود الله ئي آھي انھيءَ کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق ڪونھي، سڀڪا شيء سندس علم ۾ سمائي آھي.

كَذَٰلِكَ نَقُصُّ عَلَيْكَ مِنْ أَنۢبَآءِ مَا قَدْ سَبَقَ ۚ وَقَدْ ءَاتَيْنَٰكَ مِن لَّدُنَّا ذِكْرًۭا ﴿٩٩﴾

(اي پيغمبر) اھڙي طرح جيڪي گذري ويا تن جي خبرن مان توتي بيان ڪريون ٿا، ۽ پاڻ وٽان توکي نصيحت (يعني قرآن) ڏنوسون.

مَّنْ أَعْرَضَ عَنْهُ فَإِنَّهُۥ يَحْمِلُ يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ وِزْرًا ﴿١٠٠﴾

جيڪو کانئس مُنھن موڙيندو سو قيامت جي ڏينھن (گناھن جو) بار کڻندو.

خَٰلِدِينَ فِيهِ ۖ وَسَآءَ لَهُمْ يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ حِمْلًۭا ﴿١٠١﴾

منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ قيامت جي ڏينھن انھن کي بار کڻڻ بڇڙو آھي.

يَوْمَ يُنفَخُ فِى ٱلصُّورِ ۚ وَنَحْشُرُ ٱلْمُجْرِمِينَ يَوْمَئِذٍۢ زُرْقًۭا ﴿١٠٢﴾

جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪيو ويندو ۽ اُن ڏينھن ڏوھارين کي جھرو ڪري اُٿارينداسون.

يَتَخَٰفَتُونَ بَيْنَهُمْ إِن لَّبِثْتُمْ إِلَّا عَشْرًۭا ﴿١٠٣﴾

(تنھن ڏينھن) پاڻ ۾ سُ پُس ڪندا ته اوھين (دُنيا ۾) رڳو ڏھاڪو ڏينھن رھيؤ.

نَّحْنُ أَعْلَمُ بِمَا يَقُولُونَ إِذْ يَقُولُ أَمْثَلُهُمْ طَرِيقَةً إِن لَّبِثْتُمْ إِلَّا يَوْمًۭا ﴿١٠٤﴾

جيڪي چوندا سو اسين چڱو ڄاڻندڙ آھيون اُن مھل منجھائن پوري رستي وارو چوندو ته ھڪ ڏينھن کانسواءِ نه رھيا آھيو.

وَيَسْـَٔلُونَكَ عَنِ ٱلْجِبَالِ فَقُلْ يَنسِفُهَا رَبِّى نَسْفًۭا ﴿١٠٥﴾

۽ (اي پيغمبر) جبلن بابت توکان پُڇن ٿا چؤ ته منھنجو پالڻھار اُنھن کي اُڏائي کنڊائيندو.

فَيَذَرُهَا قَاعًۭا صَفْصَفًۭا ﴿١٠٦﴾

پوءِ اُن ھنڌ کي صاف پٽ ڪري ڇڏيندو.

لَّا تَرَىٰ فِيهَا عِوَجًۭا وَلَآ أَمْتًۭا ﴿١٠٧﴾

منجھس نڪي ھيٺاھين ۽ نڪي مٿاھين ڏسندين.

يَوْمَئِذٍۢ يَتَّبِعُونَ ٱلدَّاعِىَ لَا عِوَجَ لَهُۥ ۖ وَخَشَعَتِ ٱلْأَصْوَاتُ لِلرَّحْمَٰنِ فَلَا تَسْمَعُ إِلَّا هَمْسًۭا ﴿١٠٨﴾

اُن ڏينھن سڏيندڙ جي پوئتان لڳندا جنھن کي ڪا ڏنگائي نه ھوندي، ۽ سڀ آواز الله لاءِ جھڪا ٿيندا پوءِ ڀُڻڪ کانسواءِ ڪُجھ نه ٻڌندين.

يَوْمَئِذٍۢ لَّا تَنفَعُ ٱلشَّفَٰعَةُ إِلَّا مَنْ أَذِنَ لَهُ ٱلرَّحْمَٰنُ وَرَضِىَ لَهُۥ قَوْلًۭا ﴿١٠٩﴾

جنھن کي الله موڪل ڏني ۽ اُن جي چوڻ کان راضي ٿيو تنھن کانسواءِ اُن ڏينھن ڪا سفارش فائدو نه ڏيندي.

يَعْلَمُ مَا بَيْنَ أَيْدِيهِمْ وَمَا خَلْفَهُمْ وَلَا يُحِيطُونَ بِهِۦ عِلْمًۭا ﴿١١٠﴾

جيڪي سندن اڳيان ۽ جيڪي سندن پوئتان آھي سو (الله) ڄاڻندو آھي ۽ (ماڻھو) کيس علم ڪري نه ويڙھيندا.

۞ وَعَنَتِ ٱلْوُجُوهُ لِلْحَىِّ ٱلْقَيُّومِ ۖ وَقَدْ خَابَ مَنْ حَمَلَ ظُلْمًۭا ﴿١١١﴾

۽ سڀ مُنھن سدائين جيئري بيھڪ ڏيندڙ لاءِ عاجزي ڪندڙ آھن، ۽ جنھن ظلم (جو بار) کَنيو سو ڇيئي وارو ٿيو.

وَمَن يَعْمَلْ مِنَ ٱلصَّٰلِحَٰتِ وَهُوَ مُؤْمِنٌۭ فَلَا يَخَافُ ظُلْمًۭا وَلَا هَضْمًۭا ﴿١١٢﴾

۽ جيڪي چڱا ڪم ڪندو ۽ اُھو مؤمن (به) ھوندو سو نڪي ظلم کان ۽ نڪي نقصان کان ڊڄندو.

وَكَذَٰلِكَ أَنزَلْنَٰهُ قُرْءَانًا عَرَبِيًّۭا وَصَرَّفْنَا فِيهِ مِنَ ٱلْوَعِيدِ لَعَلَّهُمْ يَتَّقُونَ أَوْ يُحْدِثُ لَهُمْ ذِكْرًۭا ﴿١١٣﴾

۽ اھڙي طرح اِھو عربي قرآن لاٿوسون ۽ منجھس عذاب جو انجام طرحين طرحين بيان ڪيوسون ته مانَ اُھي ڊڄن يا (اُھو) اُنھن لاءِ نصيحت پيدا ڪري.

فَتَعَٰلَى ٱللَّهُ ٱلْمَلِكُ ٱلْحَقُّ ۗ وَلَا تَعْجَلْ بِٱلْقُرْءَانِ مِن قَبْلِ أَن يُقْضَىٰٓ إِلَيْكَ وَحْيُهُۥ ۖ وَقُل رَّبِّ زِدْنِى عِلْمًۭا ﴿١١٤﴾

پوءِ الله سچو بادشاھ مٿاھون آھي، ۽ قرآن (جي پڙھڻ) ۾ اُن کان اڳ جو توڏانھن ان جو لھڻ پورو ڪجي تڪڙ نه ڪر، ۽ چؤ ته اي منھنجا پالڻھار منھنجو علم وڌاءَ.

وَلَقَدْ عَهِدْنَآ إِلَىٰٓ ءَادَمَ مِن قَبْلُ فَنَسِىَ وَلَمْ نَجِدْ لَهُۥ عَزْمًۭا ﴿١١٥﴾

۽ بيشڪ آدم کي اڳ حُڪم ڪيوھوسون پوءِ وساريائين ۽ سندس ڪا پڪي نيت نه لڌي سون.

وَإِذْ قُلْنَا لِلْمَلَٰٓئِكَةِ ٱسْجُدُواْ لِءَادَمَ فَسَجَدُوٓاْ إِلَّآ إِبْلِيسَ أَبَىٰ ﴿١١٦﴾

۽ (ياد ڪر) جڏھن ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو پوءِ ابليس کانسواءِ سڀني سجدو ڪيو، ۽ اُن انڪار ڪيو.

فَقُلْنَا يَٰٓـَٔادَمُ إِنَّ هَٰذَا عَدُوٌّۭ لَّكَ وَلِزَوْجِكَ فَلَا يُخْرِجَنَّكُمَا مِنَ ٱلْجَنَّةِ فَتَشْقَىٰٓ ﴿١١٧﴾

پوءِ چيوسون ته اي آدم ھيءُ تنھنجو ۽ تنھنجي زال جو ويري آھي متان اوھان کي بھشت مان ڪڍي ته ڏکيا ٿيو.

إِنَّ لَكَ أَلَّا تَجُوعَ فِيهَا وَلَا تَعْرَىٰ ﴿١١٨﴾

بيشڪ تولاءِ (ھي آھي ته) منجھس نڪي بُک لڳندءِ نڪي اُگھاڙو ٿيندين.

وَأَنَّكَ لَا تَظْمَؤُاْ فِيهَا وَلَا تَضْحَىٰ ﴿١١٩﴾

۽ تون منجھس نڪي اُڃو ٿيندين ۽ نڪي اُس لڳندءِ.

فَوَسْوَسَ إِلَيْهِ ٱلشَّيْطَٰنُ قَالَ يَٰٓـَٔادَمُ هَلْ أَدُلُّكَ عَلَىٰ شَجَرَةِ ٱلْخُلْدِ وَمُلْكٍۢ لَّا يَبْلَىٰ ﴿١٢٠﴾

پوءِ کيس شيطان ڌوڪو ڏنو چيائين ته اي آدم سدائين رھڻ جي وڻ جو ۽ سدائين رھڻ واري بادشاھيءَ جو توکي ڏَس ڏيان؟

فَأَكَلَا مِنْهَا فَبَدَتْ لَهُمَا سَوْءَٰتُهُمَا وَطَفِقَا يَخْصِفَانِ عَلَيْهِمَا مِن وَرَقِ ٱلْجَنَّةِ ۚ وَعَصَىٰٓ ءَادَمُ رَبَّهُۥ فَغَوَىٰ ﴿١٢١﴾

پوءِ منجھانئس ٻنھي کاڌو تنھنڪري انھن کي سندين اوگھڙ پڌري ٿي ۽ بھشت (جي وڻ) جا پن پاڻ تي ويڙھڻ لڳا، ۽ آدم پنھنجي پالڻھار کان نافرمان ٿيو تنھنڪري ڀُلو.

ثُمَّ ٱجْتَبَٰهُ رَبُّهُۥ فَتَابَ عَلَيْهِ وَهَدَىٰ ﴿١٢٢﴾

وري سندس پالڻھار کيس سڳورو ڪيو پوءِ مٿس ٻاجھ سان موٽيو ۽ (کيس) سڌي رستي لاتائين.

قَالَ ٱهْبِطَا مِنْهَا جَمِيعًۢا ۖ بَعْضُكُمْ لِبَعْضٍ عَدُوٌّۭ ۖ فَإِمَّا يَأْتِيَنَّكُم مِّنِّى هُدًۭى فَمَنِ ٱتَّبَعَ هُدَاىَ فَلَا يَضِلُّ وَلَا يَشْقَىٰ ﴿١٢٣﴾

چيائين ته منجھانئس ٻئي گڏ لھي وڃو اوھان مان ڪي ڪن جا ويري ٿيندا، پوءِ جڏھن اوھان وٽ منھنجي ھدايت اچي، تڏھن جنھن منھنجي ھدايت جي تابعداري ڪئي سو گمراھ نه ٿيندو ۽ نڪي ڏکيو ٿيندو.

وَمَنْ أَعْرَضَ عَن ذِكْرِى فَإِنَّ لَهُۥ مَعِيشَةًۭ ضَنكًۭا وَنَحْشُرُهُۥ يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ أَعْمَىٰ ﴿١٢٤﴾

۽ جيڪي منھنجي ياد ڪرڻ کان منھن موڙيندو تنھن لاءِ بيشڪ حياتي اھنجي ٿيندي ۽ قيامت جي ڏينھن کيس انڌو ڪري اٿارينداسون.

قَالَ رَبِّ لِمَ حَشَرْتَنِىٓ أَعْمَىٰ وَقَدْ كُنتُ بَصِيرًۭا ﴿١٢٥﴾

چوندو اي منھنجا پالڻھار مون کي انڌو ڪري ڇو اُٿاريئي ۽ بيشڪ (اڳي) سڄو ھوس.

قَالَ كَذَٰلِكَ أَتَتْكَ ءَايَٰتُنَا فَنَسِيتَهَا ۖ وَكَذَٰلِكَ ٱلْيَوْمَ تُنسَىٰ ﴿١٢٦﴾

(الله) چوندو ته ائين آھي تو وٽ اسان جو آيتون آيون پوءِ کين وساريئي، ۽ اھڙي طرح اڄ وساربين.

وَكَذَٰلِكَ نَجْزِى مَنْ أَسْرَفَ وَلَمْ يُؤْمِنۢ بِـَٔايَٰتِ رَبِّهِۦ ۚ وَلَعَذَابُ ٱلْءَاخِرَةِ أَشَدُّ وَأَبْقَىٰٓ ﴿١٢٧﴾

۽ اھڙي طرح انھي کي سزا ڏينداسون جيڪو حد کان لنگھيو ۽ پنھنجي پالڻھار جي نشانين کي نه مڃيائين، ۽ آخرت جو عذاب ڏاڍو سخت ۽ سدائين رھندڙ آھي.

أَفَلَمْ يَهْدِ لَهُمْ كَمْ أَهْلَكْنَا قَبْلَهُم مِّنَ ٱلْقُرُونِ يَمْشُونَ فِى مَسَٰكِنِهِمْ ۗ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَءَايَٰتٍۢ لِّأُوْلِى ٱلنُّهَىٰ ﴿١٢٨﴾

(ھن ڳالھ) کين سڌو رستو نه ڏيکاريو ڇا ته کانئن اڳ ڪيترائي جُڳ ناس ڪياسون جن جائن ۾ گھمندا آھن؟ بيشڪ اُن ۾ ڌيان وارن لاءِ نشانيون آھن.

وَلَوْلَا كَلِمَةٌۭ سَبَقَتْ مِن رَّبِّكَ لَكَانَ لِزَامًۭا وَأَجَلٌۭ مُّسَمًّۭى ﴿١٢٩﴾

۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار جو حُڪم آڳاٽو نه ٿئي ھا ۽ (پڻ) مدت مقرر ٿيل نه ھجي ھا ته ضرور (عذاب) لازم ٿئي ھا.

فَٱصْبِرْ عَلَىٰ مَا يَقُولُونَ وَسَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ قَبْلَ طُلُوعِ ٱلشَّمْسِ وَقَبْلَ غُرُوبِهَا ۖ وَمِنْ ءَانَآئِ ٱلَّيْلِ فَسَبِّحْ وَأَطْرَافَ ٱلنَّهَارِ لَعَلَّكَ تَرْضَىٰ ﴿١٣٠﴾

پوءِ جيڪي چوندا آھن تنھن تي صبر ڪر ۽ سج اُڀرڻ کان اڳ ۽ ان جي لھڻ کان اڳ پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي ساراھ سان گڏ بيان ڪر، ۽ رات جي (پھرين) گھڙين ۾ ۽ ڪجھ گھڙيون ڏينھن جون پاڪائي بيان ڪر ته مانَ تون راضي ٿئين.

وَلَا تَمُدَّنَّ عَيْنَيْكَ إِلَىٰ مَا مَتَّعْنَا بِهِۦٓ أَزْوَٰجًۭا مِّنْهُمْ زَهْرَةَ ٱلْحَيَوٰةِ ٱلدُّنْيَا لِنَفْتِنَهُمْ فِيهِ ۚ وَرِزْقُ رَبِّكَ خَيْرٌۭ وَأَبْقَىٰ ﴿١٣١﴾

۽ (اي پيغمبر) تون پنھنجي اکين کي انھن ڏانھن نه کول جنھن سان منجھائن (ڪافرن جي) ٽولين کي دنيا جي حياتي جي سينگار سان ھن لاءِ آسودو ڪيوسون ته منجھس کين پرکيون، ۽ تنھنجي پالڻھار جو رزق ڀلو ۽ سدائين رھڻ وارو آھي.

وَأْمُرْ أَهْلَكَ بِٱلصَّلَوٰةِ وَٱصْطَبِرْ عَلَيْهَا ۖ لَا نَسْـَٔلُكَ رِزْقًۭا ۖ نَّحْنُ نَرْزُقُكَ ۗ وَٱلْعَٰقِبَةُ لِلتَّقْوَىٰ ﴿١٣٢﴾

۽ پنھنجي گھر وارن کي نمازجو حڪم ڪر ۽ مٿس صبر ڪر (يعني قائم رھ) توکان رزق نه گھرندا آھيون، اسين توکي رزق ڏيندا آھيون، ۽ چڱي عاقبت پرھيزگارن لاءِ آھي.

وَقَالُواْ لَوْلَا يَأْتِينَا بِـَٔايَةٍۢ مِّن رَّبِّهِۦٓ ۚ أَوَلَمْ تَأْتِهِم بَيِّنَةُ مَا فِى ٱلصُّحُفِ ٱلْأُولَىٰ ﴿١٣٣﴾

۽ چون ٿا ته اسان وٽ پنھنجي پالڻھار جي ڪا نشاني ڇونه آڻيندو آھي؟ جيڪي پھرين صحيفن ۾ آھي تنھن جي نشاني وٽن نه آئي آھي ڇا؟

وَلَوْ أَنَّآ أَهْلَكْنَٰهُم بِعَذَابٍۢ مِّن قَبْلِهِۦ لَقَالُواْ رَبَّنَا لَوْلَآ أَرْسَلْتَ إِلَيْنَا رَسُولًۭا فَنَتَّبِعَ ءَايَٰتِكَ مِن قَبْلِ أَن نَّذِلَّ وَنَخْزَىٰ ﴿١٣٤﴾

۽ جيڪڏھن اسين کين ھن (پيغمبر موڪلڻ) کان اڳ عذاب سان ناس ڪريون ھا ته ضرور چون ھا ته اي اسانجا پالڻھار اسان ڏانھن پيغمبر ڇونه موڪليئي ته پنھنجي ذليل ٿيڻ ۽ خوار ھجڻ کان اڳ تنھنجي آيتن جي تابعداري ڪريون ھا.

قُلْ كُلٌّۭ مُّتَرَبِّصٌۭ فَتَرَبَّصُواْ ۖ فَسَتَعْلَمُونَ مَنْ أَصْحَٰبُ ٱلصِّرَٰطِ ٱلسَّوِىِّ وَمَنِ ٱهْتَدَىٰ ﴿١٣٥﴾

(اي پيغمبر) چؤ ته سڀڪو منتظر آھي پوءِ (اوھين به) منتظر رھو، پوءِ سگھوئي ڄاڻندو ته سڌي واٽ وارا ڪير آھن ۽ ھدايت وارو ڪير ٿيو؟

Quran For All V5